Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/22/2016
رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ سينيئر ذميوارن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن.جناب الطاف حسين
لنڊن: 22 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان گرفتاري کي کليل ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شاهد پاشا ايم ڪيو ايم جا هڪ محنتي، ايماندار ۽ سينيئر ڪارڪن آهن ۽ انهن جي محنت ۽ ذميواري کي ڏسندي ئي انهن کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ ڊپٽي ڪنوينر جي ذميواري تي فائز ڪيو ويو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي سمورين سازشن ۽ ڪوششن ۾ ناڪامي ۽ تمام تر زهريلن پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام لکن جي تعداد ۾ جهڙي طرح شرڪت ڪئي. ان کي ڏسي ڪري هاڻي اسٽيبلشمينٽ سخت بدحواسي ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ چونڊيل نمائندن تي هٿ وجهڻ شروع ڪري ڏنو آهي. انهن فرمايو ته ڪراچي آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي اهڙن اڳواڻڻ ۽ سينيئر ذميوارن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪي ڪنهن به فعل ۾ ملوث نه آهن.جڏهن ته اهي ماڻهو جن جي باري ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا جي آئي ٽي رپورٽ ۾ وڌي چڙهي ڪري ڳالهائيندا رهيا آهن.انهن کي ته وڏي شان سان ڪراچي آندو پيو وڃي. انهن جي لاءِ قيمتي بنگلن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي. سرڪاري سرپرستي ۾ انهن جا جلسا ڪرايا پيا وڃن ۽ شهر ۾ انهن جو قبضو ڪرائڻ جو منصوبو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته اهڙي طرح جي ظلم ۽ ڏاڍ جي هٿڪنڊن سان نه ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڊيڄاري سگهجي ٿو ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪي ناپاڪ منصوبا بڻايا پيا وڃن  اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا  ۽ جيترو به ظلم ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي جيترو به دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پر ايم ڪيو ايم اوترو ئي زور ڏيئي ڪري اڀرندي. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ سينيئر ذميوارن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ اسٽيبلشمينٽ جا جيڪي عناصر ڪراچي آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آهن انهن کان پچاڻو ڪن.
*****

4/29/2024 7:57:46 AM