Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ ۾ مسقتل تقرري نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه ڪشور زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار


نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ ۾ مسقتل  تقرري نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه ڪشور  زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 3/17/2016
نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ ۾ مسقتل  تقرري نه ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه ڪشور  زهرٰي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 17 مارچ 2016 
                    قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه ڪشور زهرٰي نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ ۾ مستقل تقرري نه ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل جي سنڌ ۾ مستقل تقرري نه ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي. جنهن جي ڪري اداري ۾ انتظامي معاملن ۾ رڪاوٽون اچي رهيون آهن. انهن چيو ته حڪومت سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ غير ضروري دستاويزن جي شرطن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پر ان جي باوجود ڪجھھ نادرا جا سينٽر سڃاڻپ ڪارڊ جي حصول جي لاءِ ايندڙ شهرين ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته نادرا سينٽرن تي خاص طور تي اوڀر پاڪستان کان اولھھ پاڪستان ۾ هجرت ڪري ايندڙن تي اعتراض لڳايا پيا وڃن ۽ انهن کان ڪليئرنس گهري پئي وڃي. انهن چيو  ته جڏهن ته پاڪستان جا سابق وزير خارجه قومي اسيمبلي ۾ پچيل سوالن جي جواب ۾ بار بار چئي چڪا آهن ته 16 ڊسمبر 1971 کان پهرين پيدا ٿيندڙ پاڪستاني چورائيندا. پر ان جي باوجود نادرا جا ڪامورا انهن حڪمن کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهن. انهن وڌيڪ چيو ته نادرا سينٽرن تان هزارين افغاني ۽ ٻين کي ته سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن. جنهن جو ثبوت پاڻ نادرا جي طرفان بلاڪ ڪيل اهي سڃاڻپ ڪارڊ آهن جن جو اظهار ۽ تفصيل روز روز اخبارن ۽ چينلن تي اچي رهيا آهن. انهن سنڌ جي نادرا سينٽرن تي ڊگهين قطارن تي به وڏي ڳڻتي جو اظهار  ڪندي مطالبو ڪيو ته حڪومت عوام جي ان تڪليف کي به دور ڪري.
*****

4/27/2024 10:28:03 AM