Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مهاجر قوم جو ضمير ڪو ويڪائو مال نه آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف


مهاجر قوم جو ضمير ڪو ويڪائو مال نه آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف
 Posted on: 3/16/2016
مهاجر قوم جو ضمير ڪو ويڪائو مال نه آهي. ايم ڪيو ايم آمريڪا جو سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف
آمريڪا ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب
واشنگٽن: 16 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف چيو آهي ته ملڪ تي قابض ٻه سيڪڙي مراعات يافته طبقي ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو . ان موقعي تي سينٽرل آرگنائيزر ڪميٽي جا ميمبر عارف صديقي، شميم صديقي ۽ ٻيا به موجود هئا.  متين يوسف چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٺاهيندڙن جي جماعت آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن 20 لک جانين جي قرباني ڏيئي ڪري پاڪستان کي بڻايو هو. انهن چيو ته بدقسمتي سان قيام پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ وارا راتو رات وطن جا محافظ بڻجي ويا ۽ وطن تي قبضو ڪري ويهي رهيا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مهاجر قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ان کي سڃاڻپ ڏني آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ جي لاءِ  جدوجهد شروع ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ، وڏيرا ۽ جاگيردار انهن جا دشمن بڻجي ويا ۽ انهن جي خلاف طرح طرح جون سازشون ڪرڻ لڳا. انهن چيو ته 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ وڏو رياستي آپريشن ڪيو ويو ، پر الله تعالٰي ايم ڪيو ايم کي محفوظ رکيو ۽ ظالم ناڪام ٿي ويا. پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشون شروع ٿي ويون آهن. پر اهي سازشي ماضي وانگر هن ڀيري به ناڪام ٿيندا. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو. اجلاس جي آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون. 
*****


4/27/2024 10:56:35 AM