Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نوجوان طبقو خصوصن شاگرد ۽ شاگردياڻيون مسقتبل جا معمار آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار


نوجوان طبقو خصوصن شاگرد ۽ شاگردياڻيون مسقتبل جا معمار آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/16/2016
نوجوان طبقو خصوصن شاگرد ۽ شاگردياڻيون مسقتبل جا معمار آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار
صفائي مهم کي وسعت ڏيئي ڪري ٻين تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ ڪاروباري مرڪزن تائين به ڦيلايو ويندو. وسيم اختر
ڪراچي يونيورسٽي ۾ صفائي مهم جي دوران ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 16 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي نوجوان طبقو خصوصن شاگرد ۽ شاگردياڻيون مسقتبل جا معمار آهن ۽ ايم ڪيو ايم مستقبل جي معمارن جي صلاحيتن کي خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ضمانت سمجهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ صفائي مهم جي دوران  ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر امين الحق، محترمه زرين مجيد ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ٻيا به موجود هئا. ڪراچي يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽن فارميسي، آرٽس لابي، ايڊ من بلاڪ، ڪينٽن، ۽ ٻين هنڌن تي صفائي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته شاگردن سميت سمورن ماڻهن کي اسان سان صفائي مهم ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. اڄ شاگردن هتي صفائي اڌ ايمان جي تصور کي عملي طور تي اجاگر ڪيو آهي. جنهن تي اهي زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. انهن چيو ته اهو مارچ جو مهينو آهي ۽ ان مهيني ۾ قرارداد پاڪستان به منظور  ٿي هئي ۽ تاريخ گواھ آهي ته علي ڳڙھ يونيورسٽي جا شاگرد جيستائين پاڪستان بڻائڻ جي جدوجهد ۾ شامل نه ٿيا هئا ته ان وقت تائين پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ ممڪن نظر نه اچي رهيو هو. انهن چيو ته اڄ جيڪي ماڻهو ڏڦيڙ جي پاليسي وٺي ڪري ميدان ۾ آيا آهن. انهن کي شاگرد ۽ عوام پنهنجي اتحاد سان ڀڄائي ڇڏيندا. انهن چيو ته سنڌ جي شهرن ۾ صاف ۽ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. پر  سنڌ حڪومت ته ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم سان به ساڙ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم ۾ رڪاوٽون به وڌيون پيون وڃن ۽ اسان کي  مشينري به نه پئي ڏني وڃي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن امين الحق ۽ محترمه زرين مجيد چيو ته انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم پنهنجي مدد پاڻ جي تحت عوام جي خدمت جاري رکندي. ان موقعي تي ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ صفائي مهم جي دوران شاگردن ۽ استادن جي ايمپلائيز يونين به اسان سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به ڪراچي يونيورسٽي کان ئي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ هتان ئي مظلومن جي حقن جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي وئي هئي. انهن چيو  ته صفائي مهم کي وسعت ڏيئي ڪري ٻين تعليمي ادارن ، اسپتالن ۽ ڪاروباري مرڪزن تائين به ڦيلايو ويندو. ان موقعي تي ايم پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز احمد صفائي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي شاگردن جو ٿورو به مڃيو. 
*****


4/28/2024 12:20:22 AM