قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه طاهره آصف جي نناڻ ۽ ميان آصف جي ڀيڻ جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار
لاهور: 15 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر محترمه طاهره آصف جي نناڻ ۽ ميان آصف جي ڀيڻ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
ان کان علاوه ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي صدر شاهين انور گيلاني ۽ ٻين مرحومه جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ مرحومه جي ڀاءُ ۽ ٻين پوئنرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****