Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ جاري صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڪراچي ۾ جاري صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/15/2016
ڪراچي ۾ جاري صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
صفائي مهم جي سلسلي ۾ ناظم آباد گلبهار ٽائون جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 15 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڪراچي ۾ جاري صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن زبردست خراج تحسين ۽ شاباش جا مستحق آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن صفائي مهم جي سلسلي ۾ ناظم آباد گلبهار ٽائون جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي چيو ته اوهان صفائي سٿرائي جي ڪمن ۾ لڳل آهيو ۽ ڪچرو به صاف ڪري رهيا آهيو. حديث مبارڪ آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ اوهان پنهنجي شهر کي صاف ڪري ان حديث پاڪ تي عمل ڪري رهيا آهيو. صفائي جو اهو عمل ماحول کي صاف سٿرو بڻائڻ جي لاءِ هڪ بهترين ڪم آهي. انهن صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ڪارڪنن ، امڙين، ڀينرن، ۽ بزرگن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو ۽ انهن کي دعائون به ڏنيون. انهن ايم ڪيو ايم جي ذميوارن کي تاڪيد ڪئي ته اهي صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ وارن ڪارڪنن ، امڙين ، ڀينرن ۽ بزرگن جي کائڻ پيئڻ جو خيال رکن. انهن مخير حضرات کي به اپيل ڪئي ته اهي صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ وارن ڪارڪنن، امڙين ۽ بزرگن جي کائڻ پيئڻ جي بندوبست ۾ تعاون ڪن.
*****


4/28/2024 3:32:09 AM