Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

بندوق يا طاقت سان نه بلڪه عوام جي اتحاد سان تحريڪ جي خلاف سمورين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


بندوق يا طاقت سان نه بلڪه عوام جي اتحاد سان تحريڪ جي خلاف سمورين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/15/2016
بندوق يا طاقت سان نه بلڪه عوام جي اتحاد سان تحريڪ جي خلاف سمورين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪ ڪالوني ۾ صفائي مهم جي سلسلي ۾ مصروف ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 15 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  اسان بندوق يا طاقت سان نه بلڪه عوام جي اتحاد سان تحريڪ جي خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن پاڪ ڪالوني ۾ صفائي مهم جي سلسلي ۾  مصروف ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو . جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تحريڪي جدوجهد جي دوران پنهنجن ساٿين جا لاشا ڏٺا آهن ۽ سچا نظرياتي ڪارڪن ڪنهن به طرح پنهنجن شهيدن جي رت جو سودو نه ڪندا ۽ تحريڪ جي دشمنن جي اڳيان سرينڊر نه ڪندا. انهن فرمايو ته منهنجو ۽ ڪارڪنن جو روحاني ۽ نظرياتي رشتو آهي ۽ جن جي وچ ۾ سچو روحاني رشتو هوندو آهي ته ان رشتي کي سازشن ۽ پروفيگنڊن سان ختم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته اهو سچي روحاني رشتي جو ثبوت آهي ته جڏهن مان پنهنجي نظرياتي ساٿين ۽ امڙين ۽ ڀينرن سان ڳالھھ ڪريان ٿو ته اهي خوش ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن منهنجا ساٿي مون سان ڳالھھ ڪن ته مان خوش ٿي وڃان ٿو. انهن ڪارڪنن کي چيو ته اهي نظرياتي لٽريچر پڙهن ۽ پنهنجي اندر سٺيون عادتون پيدا ڪن. انهن پاڪ ڪالوني ٽائون جي سمورن ڪارڪنن ، نوجوانن، بزرگن ۽ امڙين کي صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.
*****

4/27/2024 5:26:29 PM