Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ سمنڊ آهي ۽ سمنڊ کان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍيو وڃي ته سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايم ڪيو  ايم هڪ سمنڊ آهي ۽ سمنڊ کان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍيو وڃي ته سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/15/2016
ايم ڪيو  ايم هڪ سمنڊ آهي ۽ سمنڊ کان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍيو وڃي ته سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
صفائي مهم جي سلسلي ۾ لانڍي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 15 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ سمنڊ آهي ۽ سمنڊ کان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍيو وڃي ته سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي طرفان جاري صفائي مهم جي سلسلي ۾ لانڍي ٽائون ۾ ڪارڪنن ۽ عوام کي فون تي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ماضي وانگر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ جي مقصد جي تحت ايم ڪيو ايم جي ڪجھھ ماڻهن کان مال ، دولت ۽ مفادن جي بدلي انهن جا ضمير خريد ڪيا پيا وڃن. انهن جون وفاداريون تبديل ڪرايون پيون وڃن. جن جا نالا مختلف جي آئي ٽيز ۾ وڏن وڏن مقدمن ۾ پيش ڪيا ويندا رهيا آهن. اڄ انهن کي پاڪ ۽ صاف بڻائي ڪري سامهون آندو پيو وڃي. پر ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ عوام انهن جي مذموم مقصدن کي سٺي نموني سمجهي رهيا آهن ۽ تمام تر سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود ثابت قدم آهن ۽ انهن ثابت قدم رهي ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي باضمير پيءُ ماءُ 
جي اولاد آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي عناصر ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. انهن کي اهو سمجهي وٺڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم هڪ سمنڊ آهي ۽ سمنڊ مان ڪجھھ بالٽيون پاڻي ڪڍيو وڃي ته ان سان سمنڊ کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. ايم ڪيو ايم هڪ هئي ، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي. انهن لانڍي ٽائون جي ڪارڪنن کي انهن جي ثابت قدمي تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته لانڍي جي وفادار ساٿين ماضي ۾ به تحريڪ جي خلاف سازشن کي پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي به اهي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا. لانڍي جا نوجوان ڪارڪن ئي نه  بلڪه امڙيون ۽ ڀينرون  به ڪنهن کان ڊڄڻ واريون نه آهن. ان موقعي تي لانڍي ٽائون جي ڪارڪنن، عورتن ۽ بزرگن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته  اهي ڪنهن به قيمت تي تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيندا ۽ تمام تر سازشن جي باوجود پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. جناب الطاف حسين لانڍي ٽائون جي ڪارڪنن، بزرگن ۽ عورتن کي صفائي مهم ۾ وڌي چڙهي ڪري حصو وٺڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.
*****

4/28/2024 3:09:02 AM