Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي جي مختلف يونين ڪائونسلن مان روزانو 7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار


صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي جي مختلف يونين ڪائونسلن مان روزانو  7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/15/2016
صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي جي مختلف يونين ڪائونسلن مان روزانو  7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار
صاف ڪراچي مهم جي ذريعي ايم ڪيو ايم شهرين کي صاف ۽ سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري ورتو آهي. قاسم علي رضا ۽ محترمه ريحانه نسرين
سنڌ حڪومت ڪراچي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي . وسيم اختر
ڪراچي جي مختلف يوسين ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 15 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صاف ڪراچي مهم جي اڳين مرحلي ۾ ڪراچي مان روزانو 7 هزار ٽن ڪچرو کڻنداسين ۽ ڪراچي جي ميئر کي اختيار ملڻ کان پوءِ شهر کي صفائي جو هڪ  مضبوط نظام به ڏينداسين. انهن خيالن  جو اظهار انهن صاف ڪراچي مهم جي پنجين ڏينهن ضلع سائوٿ رنڇوڙ لائين جي يوسي 20 ۾ صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي صفائي مهم جي دوران پنهنجن گهرن ۽ دڪانن جو ڪچرو ٿيلين ۾ وجهي ڪري ٻاهر رکن ته جيئن صفائي مهم ۾ مصروف رضاڪارن کي ڪچرو کڻڻ ۾ آساني ٿئي. انهن چيو ته صفائي ڪرڻ جو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي پر ڪرڻو اسان کي ئي پئجي رهيو آهي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت بي حسي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ صفائي مهم جي لاءِ مشينري ۽ وسيلن جي فراهمي ته پري جي ڳالھھ سوئيپرن کي به اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. انهن چيو ته صاف ڪراچي مهم پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻئي وڏي صفائي مهم آهي ۽ اها مهم اسان پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پيا ڪريون. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي زبان بندي ۽ انهن جي بنيادي حقن کي جهڙي طرح سان ڇنيو ويو آهي اهو هڪ غير قانوني عمل آهي.  انهن چيو ته سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي صفائي مهم کي ساراهڻ جي بجاءِ ان کي ناڪام ڪرڻ جي پويان آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۽ ان جي عوام کي حق نه ڏنا ويا ته جيڪو ڪچرو اسان ٺڪاڻي لڳائي رهيا آهيون اهو ڪچرو اسان وزير اعلٰي هائوس به کڻي وڃي سگهون ٿا.  ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبرن قاسم علي رضا ۽ محترمه ريحانه نسرين اوڀر ضلعي ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته صاف ڪراچي مهم جي ذريعي ايم ڪيو ايم شهرين کي صاف ۽ سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. ضلعي ڪورنگي ۾ ڊپٽي ڪنوينر محترمه نسرين جليل، رابطا ڪميٽي ميمبرن عارف خان ۽ گلفراز خان خٽڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم عوام جي خدمت جو جذبو نه رکي ها ته اڄ صفائي مهم ۾ ايم ڪيو ايم کي عوام جو تعاون هرگز به نه هجي ها. سينٽرل ضلع ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪندي وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم جي صاف ڪراچي ۽ گرين ڪراچي مهم جي دوران گلبهار جي يوسين 44، 45، 46 ۽ 47 ۾ ڪچرن ڪنڊين کي مڪمل طور تي صاف ڪيو ويو آهي جيڪي ڪيتري ئي وقت کان صاف نه هيون ۽ انهن ۾ ڪن جا ڍير لڳل هئا. انهن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي جو ميئر ۽ چيئرمين اختيارن کان سواءِ ئي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اها ڳالھھ افسوسناڪ آهي ته  جيڪو ڪراچي سڄي ملڪ کي پالي ٿو ان جي مسئلن جي حل جي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان ڪائي به توجه نه پئي ڏني وڃي. ان موقعي تي ارشد وهره به ڳالھھ ٻولھھ ڪئي. 
*****

5/3/2024 8:04:20 AM