Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/14/2016
منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ڪائي به مثال نه ٿي ملي ته ڪنهن شخص 24 سال جلاوطني ۾ رهندي تحريڪ هلائي هجي
لنڊن: 14 مارچ 2016 
               متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجو باب الله تعالٰي ئي کوليو آهي ۽ الله تعالٰي کان سواءِ دنيا جي ڪائي به طاقت منهنجو باب بند ڪري نه ٿي سگهي.دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي ڪائي به مثال نه ٿي ملي ته ڪنهن شخص 24 سال جلاوطني ۾ رهي ڪري تحريڪ هلائي هجي. منهنجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري قتل ڪيو ويو. پر مان ڪنهن کي به فون ڪري انهن جي آزادي جي خيرات نه گهري. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين تاريخ جا حوالي ڏيندي فرمايو ته هن مهل تائين جيڪا انساني تاريخ لکي وئي آهي ۽ اها اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي ان تاريخ جي عمر تقريبن پنج هزار سال پراڻي آهي. انساني تاريخ جو ڪوئي به ڏينهن ، مهينو، سال ۽ صدي اهڙي نه گذري آهي. جو جڏهن ڪنهن ماڻهو يا ٽولي آمرانه ۽ جابرانه سسٽم جي خلاف جدوجهد نه ڪئي هجي. پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ قيد جون تڪليفون ۽ اذيتون برداشت نه ڪيون هجن ۽ جانين جا نذرانا پيش نه ڪيا هجن. انهن فرمايو ته  اڄ گهڻائي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جن مون کي ڏٺو به نه آهي مون سان تمام گهڻي عقيدت رکن ٿا. جناب الطاف حسين اهڙن سمورن نوجوانن جن 19 جون 1992 کان پوءِ هوش سنڀاليو کي مخاطب ڪندي فرمايو ته 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيل فوجي آپريشن ۾ به عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ بدترين منفي پروفيگنڊو ڪيو ويو هو. پنجاب کان خصوصي طور تي صحافين کي ڪراچي ۾ گهرائي ڪري انهن کي جناح پور جو جعلي نقشو ڏيکاريو ويو. سادڙن ماڻهن ۽ صحافين کي هٿ ٺوڪيل ٽارچر سيلن ۾ تازي رت سان ڀريل رسيون ڏيکاريون ويون ۽ انهن کان پنهنجي پسند جون ڪوڙيون ڪهاڻيون اخبارن ۾ ڇپرايون ويون ته جيئن الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي عوام ۾ بدنام ڪري سگهجي. حقيقي دهشت گردن کي فوجي ٽرڪن ۾ ويهاري ڪري ايم ڪيو ايم جي يونٽ ۽ سيڪٽر آفيسن تي قبضا ڪرايا ويا. هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو . هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري عقوبت خانن ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ گهڻڻ ئي ڪارڪنن کي پنجاب جي جيلن ۾ رکيو ويو. درجنين ڪارڪنن کي لاپتا ڪيو ويو. جن جي اڄ تائين به ڪائي خبر نه آهي.  انهن فرمايو ته 1992 ۾ به ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي تشدد جي ذريعي ۽ ڏاڍ جي ذريعي وفاداريون تبديل ڪرائي ڪري ٽي وي تي پريس ڪانفرنسن جي ذريعي الزام لڳرايا ويندا هئا ته الطاف حسين جي چوڻ تي اسان فلاڻي کي اغوا ڪيو، فلاڻي کي قتل ڪيو ۽ جيڪو  ڪوڙا الزام هڻڻ کان انڪار ڪندو هو ته پوءِ ان کي ٽارچر سيلن ۾ شهيد ڪيو ويندو هو. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1992 وانگر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي نامعلوم نمبرن تان فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته الطاف حسين جو ساٿ ڇڏي ڏيو، نه ته انهن جو نالو به ڪنهن جي آئي ٽي ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن فرمايو ته گذريل رات رينجر جا اهلڪار جيل مينوئل جي خلاف ورزي ڪندي سينٽرل جيل ڪراچي  ۾ ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن جي بيرڪن ۾ ويا ۽ انهن کان وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ خالي پروفارمن تي صحي ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريندا رهيا. 40 کان وڌيڪ اسير ڪارڪنن کي بغير ڪنهن سبب جي بند وارڊ ڪيو ويو. جيڪو سراسر غير قانوني ۽ انساني حقن جي به سنگين خلاف ورزي آهي. انهن فرمايو ته مان هڪ غريب انسان آهيان جنهن کي الله تعالٰي ان مقام تائين پهچايو آهي ۽ منفي پروفيگنڊن جي ذريعي ڪارڪنن ۽ عوام کي مون کان پري ڪري نه ٿو سگهجي. انهن فرمايو ته سازشن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي چونڊيل عوامي نمائندن  ، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي پنهنجي ان عزم جو اظهار ڪيو ته تمام تر ڏکيائين ۽ ظلمن جي باوجود اهي تحريڪ جا وفادار رهندا ۽ آخري ساھ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. 

5/3/2024 4:10:24 PM