Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ جو نوٽس وٺن. ڊاڪٽر فاروق ستار


وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ جو نوٽس وٺن. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 3/13/2016
وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ جو نوٽس وٺن. ڊاڪٽر فاروق ستار
حق پرست اسيمبلي ميمبرن کي نامعلوم نمبرن تان فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي ٽوڙڻ ۽ ان جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن.
 نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 13 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ ايم ڪيو ايم جي  40 ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪيو ويو آهي. انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جون وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ فارم ڀرڻ تي زور به ڏنو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي به اڻ ڄاتل نمبرن تان فون ڪالون ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي وفاداري تبديل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر اسلمآفريدي، زاهد منصوري، محترمه ريحانه نسرين ۽ ايڊووڪيٽ محفوظ يار خان به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي خلاف تيار ڪيل سازشن جو پردو چاڪ ڪندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ئي رينجر جي وڏي نفري ڪراچي سينٽرل جيل جي سپريٽنڊنٽ ۽ ڊپٽي سپريٽنڊنٽ سان گڏجي 18 ،19 ، 24 ۽ 25 بيرڪن ۾ وڃي ڪري جيل مينوئيل جي مطابق ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي مليل حق ڇني ورتا ۽ انهن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري بند وارڊ ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جا اهي 40 ڪارڪن قيد آهن. پر انهن تي هن مهل تائين ڪو به ڏوھ ثابت نه ٿي سگهيو آهي. انهن چيو ته اسير ڪارڪن سياسي قيدي آهن ۽ انهن جيل قانونن جي به ڪائي  ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي. ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪري سراسر انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي . انهن چيو ته اهي اطلاعون به آهن ته انهن ڪارڪنن تي سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ  دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته جيئن رياستي طاقت جي ذريعي حق پرستن جي اتحاد کي نقصان پهچائي سگهجي. انهن چيو ته ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن کي اڻ ڄاتل نمبرن تان رابطو ڪري چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن جا پيارا نئين بنگلي کي جوائن ڪري وٺن ته نه صرف لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي عمل ۾ اچي سگهي ٿي بلڪه اسير ڪارڪنن جي رهائي به ٿي سگهي ٿي. انهن چيو ته اهي جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن انهن سان رياستي ادارن جي ساک کي به نقصان  پهچي رهيو آهي. جنهن جي روڪٿام ڪرڻ پاڪستاني فوج، قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن  جي ذميواري آهي. انهن عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به جيل مينوئل ۽ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي جو نوٽس وٺن ۽ اسير ڪارڪنن کي بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهن چيو ته سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ ڊرائي ڪلين ڪرڻ ۽ واشنگ مشين لڳائڻ جو عمل بند ڪيو وڃي. مائنس ون فارمولي تي عمل ڪرڻ ۽ ڪارڪنن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ 1992 ۾ به اهڙي ئي فلم هلائي وئي هئي. ان کان علاوه 1998 ۾ به گورنر راج کان پوءِ اهڙي فلم هلائي وئي هئي. جيڪي عوام جي اتحاد سان بري طرح ناڪام ٿيون ۽ انشاء الله تعالٰي هيءَ فلم به بري طرح سان ناڪام ٿيندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جيتريون به سازشون ڪيون وڃن پر هر سازش کان عوام ڀرپور مينڊيٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرايو آهي. انهن چيو ته جمهوري حڪومت جي دور ۾ ملڪ جي وڏي سياسي جماعت جي خلاف مڪروھ سازش هڪ وڏي افسوسناڪ ڳالھھ آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ ن ۽ پي پي ان سازش کان لاتعلق آهن ته پوءِ اها اڃان به وڌيڪ شرم جي ڳالھھ آهي. انهن چيو ته ڪنهن جماعت کي ڪڇلڻ جي لاءِ پاڪستان جي آئين، قانون ۽ جيل مينوئل جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي ته پوءِ انهن جماعتن جي طرفان به آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت جو دعوٰي نه ڪرڻ گهرجن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي اختيارن کان محروم ڪري عوام جي خدمت کان روڪيو پيو وڃي. ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ مڪاني نمائندن وسيلن جي گهٽتائي جي باوجود پنهنجي مدد پاڻ جي تحت ڪراچي ۾ صفائي مهم جو آغاز ڪيو آهي. پر اسان کي ان صفائي مهم کان به سازشن جي ذريعي روڪيو پيو وڃي. انهن پاڪستان جي پاليسي ساز ادارن ۽ حڪومت کي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هڪ ٻئي سان تعاون گهرجي. ۽ اسان کي شڪ جي نگاھ سان ڏسڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي کليل دل سان تسليم ڪيو وڃي.  انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن کي بند وارڊ ڪرڻ ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن کي ڌمڪي وارن فونن جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. 

5/3/2024 8:05:34 AM