رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر سيد شعيب احمد بخاري جي علالت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڳڻتي جو اظهار
لنڊن: 12 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر ۽ سابق حق پرست صوبائي وزير سيد شعيب احمد بخاري ايڊووڪيٽ جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. جناب الطاف حسين امڙين، ڀينرن، بزرگن ، نوجوانن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي سيد شعيب احمد بخاري جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. واضع رهي ته شعيب احمد بخاري سخت بيمار آهن ۽ اهي هن وقت مقامي اسپتال ۾ زير علاج آهن.
*****