ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جي انچارج شاهد لطيف ۽ سابق حق پرست ٽائون ناظم اسماعيل ستارا کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي
ڪراچي: 11 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جي انچارج شاهد لطيف ۽ تحريڪ جي سينيئر ميمبر ۽ لانڍي جي سابق حق پرست ٽائون ناظم اسماعيل ستارا کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. اهو فيصلو پاڪستان ۽ لنڊن رابطا ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
*****