محترمه عاصمه جهانگير جي جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ، انهن جناب الطاف حسين جي خيريت به دريافت ڪئي
لنڊن: 10 مارچ 2016
ملڪ جي نالي واري وڪيل محترمه عاصمه جهانگير جناب الطاف حسين کي فون ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي. محترمه عاصمه جهانگير پاڪستان ۾ جناب الطاف حسين جي صحت جي متعلق افواهن جي پرزور مذمت ڪندي چيو ته اهي گمراھ ڪندڙ خبرون ملڪ جي ٽئين وڏي جماعت ۽ ان جي قائد جي خلاف هڪ مڪروھ سازش آهن. انهن جناب الطاف حسين کي لاهور هائي ڪورٽ ۾ جاري ڪيس جي باري ۾ به صورتحال کان آگاھ ڪيو. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو ته انهن جا وڪيل ڀرپور طريقي سان لاهور هائي ڪورٽ ۾ انهن تي عائد پابندي جي خلاف مقدمو وڙهي رهيا آهن ۽ جلد ئي انهن جي محنت رنگ لائيندي.
*****