Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي ڪراچي ۾ صفائي مهم جو آغاز ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جو اعلان


متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي ڪراچي ۾ صفائي مهم جو  آغاز ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جو اعلان
 Posted on: 3/10/2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي ڪراچي ۾ صفائي مهم جو  آغاز ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جو اعلان
ڪراچي: 10 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ اڄ کان صفائي مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي. صفائي مهم جي سلسلي ۾ پهرين ڏينهن اوڀر ضلعي جي لائينز ايريا ٽائون جي يوسي 10، ضلعي سينٽرل جي يوسين 18، 21، 22 ،23 ، اولھھ ضلعي جي يوسين 16 ،17 ،28 ،ڪورنگي ضلعي جي يوسي 1،6، ضلعي ملير ۾ ڪالا بورڊ نهال اسپتال ۽ اتر ضلعي ۾ رنڇوڙ لائين جي يوسي 25 ۾ صفائي مهم ۾ شروع ڪئي وئي آهي.  ان دوران ڪيترائي ٽن ڪن کنيو ويو. نوان وڻ به پوکيا ويا. گٽرن جا ڍڪڻ به  لڳايا ويا، نالن جي صفائي به ڪئي وئي ۽ ڀتين تي پوچي به هنئي وئي. صفائي مهم ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن خالد مقبول صديقي، عبدالقادر خانزاده، ارشد حسن، ڪمال ملڪ، مطيع الرحمٰن، امين الحق، اظهار احمد خان،  گلفراز خان خٽڪ، ريحانه نسرين، عارف خان، محترمه زرين مجيد، اسلم آفريدي، عادل خان، زاهد منصوري، نامزد ميئر وسيم اختر ، ارشد وهره ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن به شرڪت ڪئي. 
*****

4/28/2024 11:26:02 AM