Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي صفائي مهم شروع ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش


ڪراچي صفائي مهم شروع ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش
 Posted on: 3/10/2016
ڪراچي صفائي مهم شروع ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست خراج تحسين پيش
لنڊن: 10 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ صفائي مهم شروع ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صفائي مهم جي شروعات تي ملير ۾ ڪارڪنن سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو شهر اسان جو آهي ۽ شهر ڪن کان صاف هوندو ته شهر جي فضا به صاف هوندي ۽ بيمارين کان به محفوظ رهندو. انهن فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي ان جي ڪري صفائي رکڻ اسان جو ديني فرض به آهي. انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن ٿئي ٽي مهينا ٿي چڪا آهن پر هن مهل تائين ميئر جا اليڪشن نه ٿيا  آهن ۽ شهر کي بيوروڪريسي جي ذريعي هلايو پيو وڃي. جنهن جي ڪري صفائي سٿرائي جي صورتحال انتهائي خراب آهي. انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ کي به ان طرف توجه ڏيڻ گهرجي ڇو ته اهو شهر انهن جو به آهي. ان جي ڪري انهن کي به گهرجي ته اهي صفائي سٿرائي ۾ ايم ڪيو ايم سان تعاون ڪن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چيو ته اهي غريب ۽ وچولي طبقي جي علائقن سان تعلق رکن ٿا، ان جي ڪري اهي پنهنجي انا کي ختم ڪندي گڏجي ڪري صفائي مهم ۾ حصو وٺن. 
*****

4/27/2024 3:23:20 PM