Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جن منهنجي مرڻ جون افواهون ڦيلايون انهن سمورن ماڻهن جو ضمير ۽ ذهن مري چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


جن منهنجي مرڻ جون افواهون ڦيلايون انهن سمورن ماڻهن جو ضمير ۽ ذهن مري چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/10/2016
جن منهنجي مرڻ جون افواهون ڦيلايون انهن سمورن ماڻهن جو ضمير ۽ ذهن مري چڪو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اڄ جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، انشاء الله تعالٰي تمام جلد انهن عناصر ۽ انهن کي آڻڻ وارن کي عبرتناڪ شڪست ٿيندي
اسان فوجي ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن کي به اسان سان ايمانداري سان پيش اچڻ گهرجي.
نائن زيرو تي انهن سان يڪجهتي جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: 10 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته هڪ سازش جي تحت منهنجي بيماري ۽ وفات جون ڪوڙيون خبرون ڦيلايون پيون وڃن، اهڙو عمل ڪرڻ وارا  اهو وساري ويٺا آهن ته جڏهن اهي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪندا ته ڪوئي به انهن جو نالو وٺڻ وارو نه هوندو. مان ته ذهني ۽ جسماني طور تي زنده آهيان ۽ جن منهنجي مرڻ جون افواهون ڦيلايون  انهن سمورن ماڻهن جو ضمير ۽ ذهن مري چڪو آهي. اڄ جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ هن ڌرتي تان ميٽڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن انشاء الله تعالٰي تمام جلد اهي ۽ انهن کي آڻڻ وارن کي عبرتناڪ شڪست ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي انهن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو .پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي انسانيت جي ڀلائي ۽ سڌاري جي لاءِ هڪ لک 24 هزار پيغمبر موڪليا ۽ آخر ۾ حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم کي هن دنيا ۾ موڪليو. اهي هستيون جسماني طور تي ته هن دنيا ۾ موجود نه آهن پر اڄ 14 سو سالن کان پوءِ به انهن کي ياد ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح اولياء ڪرام به جسماني طور تي هن دنيا ۾ موجود نه آهن پر انهن جي نالي وٺڻ وارا ۽ انهن جو نظريو اڄ به زنده آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته انسان، قبيلن ۽ ٽولن ۾ ورهائجي ڪري پنهنجن پنهنجي علائقي جي حد مقرر ڪري ٿو جنهن کي سرحد چيو وڃي ٿو ۽ هر ملڪ جي سرحد هوندي آهي. پر نظريو  ڪنهن به سرحد جو محتاج نه هوندو آهي ۽ نظريو سرحدن کي پا ر ڪري لهرن جي شڪل ۾ ٻين علائقن تائين پکڙجي وڃي ٿو. اهڙي طرح ئي دنيا ۾ علم پکڙيو آهي. انهن فرمايو ته ڪارل مارڪس، لينن، آئن اسٽائن، هوچي منه، مائوزي تنگ، فيڊرل ڪاسترو، پڪاسو، سقراط، ارسطو ۽ ٻيون شخصيتون پنهنجي پنهنجي نظريي، علم ۽ فن جي ڪري ئي اڄ  ياد ڪيون وڃن ٿيون ۽ هن دنيا کان گذرڻ جي باوجود به انهن جو نالو، نظريو ۽ فن زنده آهي. جڏهن ته ڪارل مارڪس ۽ لينن جي نظريي ته پوري دنيا جي سياست کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته دين اسلام ۾ علم جي حصول جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي پهرين وحي مبارڪ به اقراء باسم ربڪ الذي  علم جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. اسلام جي تعليم جي مطابق الطاف حسين به اي پي ايم ايس او جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين پنهنجن ڪارڪنن کي اهو ئي درس ڏنو آهي ته علم حاصل ڪريو.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اڄ به پاڻ کي شاگرد سمجهان ٿو.علم جي حصول جي لاءِ محنت ۽ جدوجهد ڪريان ٿو ۽ پوري ڪوشش ڪريان ٿو ته الله تعالٰي مون کي جيڪو علم عطا ڪيو آهي. مان ان کي پنهنجن ساٿين تائين پهچايان، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته  جيڪو علم ڪنهن جي ڪم نه اچي ته پوءِ ان علم جو ڪوئي به فائدو نه آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته بنيادي ڳالھھ اها آهي ته علم حاصل ڪيو وڃي. جن قومن علم حاصل ڪيو انهن ترقي ڪئي ۽ مالي، معاشي سياسي ۽ ٻين ميدانن ۾ ترقي حاصل ڪئي ۽ جيڪي قومون علم جي زيور کان محروم رهيون اهي فنا ٿي ويون. انهن فرمايو ته چيو وڃي ٿو ته مان پنهنجن ساٿين کي غلط تعليم ڏني. جن کي مان آڱر پڪڙي ڪري هلڻ سيکاريو اڄ جڏهن جو اهي هلڻ سکي ويا ته اهي پنهنجي ئي پيءُ کي سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ ماءُ 9 مهينن تائين پنهنجي ٻچي کي پنهنجي کک ۾ رکي ڪري پالي ٿي.پيدائش کان پوءِ به ٻچي جي هر ضرورت جو خيال رکي ٿي ۽ ان جي گندگي صاف ڪري ٿي. پر جوان ٿيڻ کان پوءِ اهو ئي ٻچو پنهنجي ماءُ کي پوڙهي چئي ڪري پڪاري ٿو، پيءُ شفقت سان پنهنجي اولاد کي پالي ٿو پر جڏهن اهو پوڙهو ٿي وڃي ۽ پنهنجي اولاد کي تاڪيد ڪري ته پٽَ جلد گهر ايندو ڪر ته اهو ئي پٽ پنهنجي پيءُ جي باري ۾ اهي جملا چوي ته منهنجو پيءُ چريو ٿي ويو آهي. ڪا نافرمان اولاد ته پنهنجي پوڙهن والدين تي هٿ به کڻي ٿي. اهڙي نافرمان اولاد اهو وساري ويهي ٿي ته انهن جو گهمڻ ڦرڻ، ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ، اسڪول ۽ ڪاليج وڃي ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ماءُ جي محبت ۽ پيءُ جي شفقت جي ڪري ئي آهي. انهن فرمايو ته اڄ هڪ سازش جي تحت سڄي شهر ۾ منهنجي وفات جون خبرون ڦيلايون ويون، ائين ڪرڻ وارا اهو وساري ويٺا ته جڏهن اهي هن دنيا مان ويندا ته ڪوئي به انهن جو نالو وٺڻ وارو نه هوندو. اڄ جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. انشاء الله تعالٰي تمام جلد انهن کي ۽ انهن جي آڻڻ وارن کي عبرتناڪ شڪست جو سامنو ڪرڻو پوندو. انهن فرمايو ته پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ اندرون سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. هر هنڌ ساٿين کي خاموش ڪيو وڃي ٿو ۽ ڏاڍ  جي ذريعي انهن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. پر حق پرستي جو نظريو ايترو مضبوط آهي جو اهو ڪنهن به سرحد جو پابند نه هوندو آهي. الطاف حسين جو نظريو پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ اندرون سنڌ ۾ به ڦيلجي چڪو آهي. انهن علائقن جا ماڻهو مجبوري جي ڪري ڳالهائڻ کان قاصر آهن. پر جيڪڏهن اسان کي موقعو ڏنو ويو ۽ اسان کي ڏهن سالن تائين ڪم ڪرڻ جي آزادي ڏني وئي ته  سڄي ملڪ جا عوام حق پرستي جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ڪري حق پرستي جي نظريي جي پرچار ڪندا ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ حق پرستي جا ترانا وڄندا. انهن فرمايو ته اڄ الطاف حسين جو نظريو سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي رهيو آهي ته سڀئي جاگيردار، وڏيرا ۽ ڪرپٽ جنرل ڊنل آهن. انهن فرمايو ته سڀئي خرابيون الطاف حسين، فضل الرحمٰن، آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين سويلين ۾ نظر اچي رهيون آهن ۽ سڀ سٺايون فوج وارن ۾ نظر اچن ٿيون. انهن فرمايو ته اسان کي پنهنجي فوج تي ناز آهي. جيڪا ملڪ جو دفاع ڪري ٿي. جيڪڏهن اوهان ملڪ جو دفاع ڪريو ٿا ته اسان اوهان کي اضافي سلوٽ به پيش ڪريون ٿا. اسان جي ٽيڪسن مان فوجي ادارن جي ماڻهن کي پگهارون ڏنيون وڃن ٿيون. اسان فوجي ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن کي اسان سان ايمانداري سان پيش اچڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ڪالھھ تائين جن کي بدمعاش ۽ وڏو خراب چيو ويندو هو پر اڄ انهن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي. پر منهنجا سچا ساٿي بي ضمير نه آهن. اهي بدلجي نه ٿا سگهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته حق ۽ باطل جي جنگ ازل کان جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندي. جتي شيطان پيدا ٿئي ٿو ته اتي رحمٰن به هوندو آهي.جتي ڪم ظرف پيدا ٿيندا آهن ته  اتي لازمي طور تي ظرف وارا به پيدا ٿيندا آهن. جتي يزيد پيدا ٿيندو ته اتي حسين به لازمي طور تي پيدا ٿيندو. منهنجو نالو الطاف حسين آهي، مون کي 38 سال ٿي ويا آهن ۽ مان اڄ تائين باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪايو آهي ۽ اهو سر جهڪندو ته صرف الله تعالٰي جي اڳيان ئي جهڪندو. هر دور ۾ ظالم ماڻهو بادشاهن، آمرن، جابرن، ڌاڙيلن ، چورن ۽ مختلف شڪلن ۾ ايندا آهن. جيڪي انسانيت جو قتل عام ڪن ٿا. اها ڪا نئين ڳالھھ نه آهي اهو ازل کان ئي ٿي رهيو آهي . پر اسان ڊڄڻ وارا ۽ ڀڄڻ وارا نه آهيون. انهن فرمايو ته ڊڄڻ  وارا بدلجندا رهن ٿا پر سچا ۽ پڪي ايمان وارا پنهنجي جان ته ڏيئي ڇڏين ٿا پر اهي بدلجي نه ٿا سگهن ۽ پنهنجو سودو نه ٿا ڪن. مان پنهنجن انهن شهيد ساٿين کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن پنهنجي جان ته ڏيئي ڇڏي پر انهن پنهنجي وفا جو سودو  نه ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن ڪنهن ملڪ تي آمر، جابر، ڌاڙيل ۽ چور قابض هجن ته ان ملڪ جي ميڊيا جا گهڻا ئي ماڻهو پنهنجو ضمير وڪڻي ڪري ٻين تي گند اڇلائين ٿا. اڄ جيڪي ماڻهو ميڊيا تي ويهي ڪري الطاف حسين کي گاريون ڏيئي رهيا آهن. اهي چورن، ڌاڙيلن ۽ لٽيرن جا دوست آهن ۽ انهن مان ڪنهن به خير جي توقع نه ٿي ڪري سگهجي. انهن فرمايو ته مان ته ذهني ۽ جسماني طور تي زنده آهيان ۽ جن منهنجي مرڻ جون افواهون ڦيلايون انهن سمورن ماڻهن جو ضمير مري ويو آهي. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي چيو ته اهي ڪنهن به قسم جي افواھ تي ڌيان نه ڏين.پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ ان ڳالھھ تي يقين رکن ته فتح  انشاء الله تعالٰي حق پرستن جي ئي ٿيندي. ان موقعي تي سمورن ڪارڪنن ۽ عورتن جناب الطاف حسين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار به ڪيو. 
*****

4/27/2024 6:10:20 PM