حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اميدوار سيد طيب حسين هوندا رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي
ڪراچي:8 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اميدوار سيد طيب حسين هوندا. ان ڳالھھ جو فيصلو اڄ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن جي صدارت ڪنوينر نديم نصرت ڪئي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. سيد طيب حسين ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر آهن ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي کان گريجوئيٽ به آهن. اهي 2008 ۾ حيدرآباد کان قومي اسيمبلي جا ميمبر به رهي چڪا آهن. سيد طيب حسين ان کان اڳ مختلف تنظيمي ذميوارين تي به رهي چڪا آهن ۽ هن وقت حيدرآباد زون جي فنانس سيڪريٽري جا فرض انجام ڏيئي رهيا آهن. ڊپٽي ميئر جو فيصلو آئنده ڪجھھ ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
*****