سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي بازيابي تي انهن جي گهر وارن کي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
لنڊن: 8 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت پنجاب جي سابق گورنر سلمان تاثير جي پٽ شهباز تاثير جي بازيابي تي انهن جي گهر وارن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته سلمان تاثير جي وحشياڻي قتل کان پوءِ انهن جي پٽ شهباز تاثير جي اغوا جو واقعو انهن جي گهر وارن تي هڪ ٻئي قيامت هئي ۽ ان اذيت ۾ اهي تقريبن پنجن سالن تائين رهيا، پر خدا جو شڪر آهي ته اڄ اهي حفاظت سان بازياب ٿي ويا آهن. نديم نصرت حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته شهباز تاثير وانگر سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ حيدر گيلاني ۽ ٻين اغوا ٿيلن کي به بازياب ڪرايو وڃي ۽ اغوا ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****