Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ 10 مارچ کان ڪراچي ۾ صفائي مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اها مهم هڪ مهيني تائين جاري رهندي


 Posted on: 3/8/2016 1
متحده قومي موومينٽ 10 مارچ کان ڪراچي ۾ صفائي مهم جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اها مهم هڪ مهيني تائين جاري رهندي
ڪراچي صفائي مهم مرحلي وار هر ضلعي ۾ شروع ٿيندي ۽ روزانو 12 کان 15 يوسين ۾ صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 8 مارچ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  ڊاڪٽر فاروق ستار 10 مارچ بروز خميس کان هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت تي ٻڌل ڪراچي صفائي مهم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صفائي مهم جي دوران سڄي ڪراچي ۾ شجر ڪاري به ڪئي ويندي. گٽرن جا ڍڪڻ  لڳايا ويندا، ڪن جي ڍيرن کي صاف ڪيو ويندو،نالن جي صفائي ڪئي ويندي ۽ ڀتن تي پوچو به هنيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪنوينر محترمه نسرين جليل، رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين، اظهار احمد خان، نامزد ميئر وسيم اختر ۽ نائب ميئر ارشد وهره به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته متحده قومي موومينٽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڪراچي صفائي مهم جي منصوبه بندي تيار ڪري ورتي آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ 
جي تحت ڪلين ڪراچي ڪيمپئن مهم جو آغاز 10 مارچ بروز خميس کان ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت شروع ڪئي ويندڙ اها مهم حقيقت ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ان ويزن جي آئينه دار آهي. جنهن جي تحت انهن اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي جي سمورن شهرين کي ڪراچي جي معاملن ۾ اونر شپ ۽ ڪراچي جي معاملن جي ملڪيت ڏني وڃي ۽ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري هن شهر جي هڪ هڪ شهري ۾ پنهنجي شهر جي لاءِ اهو جذبو پيدا ڪيو وڃي ته جيئن سڀ گڏجي ڪري چون ته آئي اون ڪراچي. انهن فرمايو ته ڪراچي هتي رهندڙ هڪ هڪ شهري جو شهر آهي ۽ صفائي مهم جو مقصد ماڻهن ۾ شهر جي ملڪيت جو احساس، شهر جي معاملن ۾ شرڪت جو احساس ۽ هن شهر سان نسبت جو احساس پيدا ڪرڻ آهي. انهن چيو ته ڪراچي صفائي مهم جو وقت هڪ مهيني کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. انهن چيو ته ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ اها صفائي مهم هڪ ئي وقت شروع ٿيندي ۽ روزانو صبح جو 9 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين اها صفائي مهم جاري رهندي. انهن چيو ته ان صفائي مهم ۾ اسان جا يوسي چيئرمين، ايم اين ايز، ايم پيز ايز ۽ سينيٽر لهندا ۽ ڪراچي کي انشاء الله تعالٰي ڪن کان به پاڪ ڪندا ته بيهودگي کان به پاڪ ڪندا ۽  ذهنن ۾ جيڪو شڪ ۽ ڪنفيوزن آهي يا ڪائي خرابي آهي ته انشاء الله تعالٰي صفائي مهم جي ڪاميابي سان اها به پري ڪري ڇڏيندا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ئي عوام سان جڙيل جماعت آهي، صفائي مهم جي سلسلي ۾ پنجن لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي اي ميل ڪيون وينديون، نوجوانن، شاگردن، سرڪاري، غير سرڪاري، غير سياسي تنظيمن اسڪولن، ڪاليجن ۽ استادن جو به هڪ ڊيٽا بينڪ اسان وٽ موجود آهي. جيڪو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ منظم جماعت آهي. انهن چيو ته صنعتڪارن، واپارين، بلڊرن، چيمبر آف ڪامرس ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ماڻهن سان به اسان رابطو ڪري رهيا آهيون. ڪي اليڪٽرڪ، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن جي انتظاميه ۽ اسٽاف سان به رابطو ڪري رهيا آهيون. اسان جي ضلعي ايڊمنسٽريشن به ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان جي تياري مڪمل آهي ۽ اسان جي ميڊيا کي به اپيل آهي ته اها صفائي مهم کان پهرين به ڏيکاري ۽ بعد ۾ به ڏيکاري. انهن چيو ته صفائي مهم جي سلسلي ۾ 8 سالن جو ڪن کنيو ويندو. سيوريج لائينن مان ڪن کي صاف ڪيو ويندو، نالن جي صفائي ڪئي ويندي ۽ ڪني پاڻي جا ڌٻا به ختم ڪيا ويندا. انهن چيو ته هر ضلعي ۾ هڪ يا ٻه مرڪز قائم ٿيندا. هر مرڪز تي ٽي ڪيمپ هوندا. هڪ ڪيمپ ۾ ٽرالي، ٻهاري ۽ انهي قسم جو ٻيو سامان هوندو. ٻيو ڪيمپ سوشل ميڊيا ۽ ٽيون ميڊيا جي لاءِ مختص هوندو. جتي عوام جون شڪايتون به ٻڌيون وينديون.انهن ٻڌايو ته ڪراچي ميٽروڪارپوريشن، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ چيو آهي ته اسان صفائي مهم ۾ تعاون ڪنداسين. مون کي اميد آهي ته صنعتڪار ، واپاري ۽ ٻيا ادارا به اڳتي ايندا. انهن سول سوسائٽي جي ميمبرن، نوجوانن، اين جي اوز ۽ ڪراچي جي نياڻين کي به دعوت ڏيندي چيو ته اهي صفائي مهم ۾ شامل ٿين. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان پي پي، مسلم ليگ ن، پي ٽي آئي، اي اين پي، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن کي به اي ميل تي خط موڪليا پيا وڃن ۽ انهن کي به صفائي مهم ۾شموليت جي دعوت ڏني پئي  وڃي ته ڪراچي کي اون ڪرڻ جي پليٽ فارم تي اچي ڪري اهي حصو وٺن ۽ شريڪ ٿين ۽ پنهنجن ورڪرن کي به ٻاهر ڪڍن. انهن چيو ته  پروفيشنلن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، اشتهاري ڪمپنين ۽ رنگ وڪڻڻ وارين ڪمپنين کي به دعوت آهي ته اهي صفائي مهم ۾ حصو وٺن. انهن چيو ته انشاء الله تعالٰي ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ به صفائي مهم جو آغاز ڪيو ويندو. 
*****

4/27/2024 10:03:34 AM