Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ سٺي معاشري جي قيام جي لاءِ عورتن جي بنيادي حقن جو حصول لازم و ملزوم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ سٺي معاشري جي قيام جي لاءِ عورتن جي بنيادي حقن جو حصول لازم و ملزوم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/8/2016 1
ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ سٺي معاشري جي قيام جي لاءِ عورتن جي بنيادي حقن جو حصول لازم و ملزوم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
عالمي يوم خواتين جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي باني و قائد جناب الطاف حسين جو خصوصي پيغام
لنڊن: 8 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا جي عورتن جي بنيادي حقن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ۽ عورتن کي حقير، غلام ۽ ٻئي درجي جي حيثيت ڏيڻ وارا ملڪ ڪڏهن به ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪري نه ٿا سگهن. عالمي يوم خواتين جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ انهن فرمايو ته ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشري جي قيام جي لاءِ عورتن جي بنيادي حقن جو حصول لازم ۽ ملزوم آهي. ايم ڪيو ايم پوري دنيا جي عورتن جو نه صرف احترام ڪري ٿي بلڪه ملڪ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد، ظلم ۽ فرسوده رسمن جي ور چڙهائڻ جي واقعن جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد به ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ عورتن جي قانوني، آئيني ۽ بنيادي حقن جي حصول جي لاءِ ملڪ جي ايوانن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور ۽ عملي ڪردار به ادا ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته ايڪويهين صدي جي جديد دور ۾ به پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عورتون اڄ به غلامن جهڙي زندگي گذاري رهيون آهن ۽ انهن کي فرسوده ۽ هٿ ٺوڪيل رسمن جي تحت ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ عورتن جي حقن جي سڀني کان وڏي علمبردار جماعت آهي. جنهن جي جهنڊي هيٺ عورتن نه صرف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن پر حق پرستي جي جدوجهد ۾ اڄ به هڪ به وک پوئتي نه آهن. انهن فرمايو ته 19 فيبروري 2012 ۾ مزار قائد تي باغ جناح ۾ ايم ڪيو ايم دنيا جي تاريخ جو سڀني کان وڏو عورتن جو جلسو “ بااختيار عورت ۽ مضبوط پاڪستان” جو انعقاد ڪيو . جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ عورتن شرڪت ڪئي جيڪو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم عورتن کي هر شعبي  ۾ برابري جا حق ڏيارڻ ۽ انهن سان ٿيندڙ هر قسم جي امتيازي سلوڪ جو خاتمو چاهي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عورتن جو احترام ۽ انهن کي عزت جو درجو ڏيئي ڪري ئي سٺي معاشري جي جوڙ جڪ ڪري سگهجي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي حق پرستانه جدوجهد ۾ پاڪستان جي مظلوم عورتن کي فرسوده رسمن جي چنبي مان آزاد ڪرائي انهن کي جائز حقن جي فراهمي يقيني بڻائي ڪري ئي دم وٺندي.
*****

4/27/2024 9:06:59 AM