Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڀلي ڪيتريون به سازشون ڇو نه ڪري وٺجن پر الله تعالٰي جي مدد ۽ پرعزم ۽ وفادار ڪارڪن مون سان گڏ آهن ۽ مون کي ڪنهن به شي جو خوف نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ڀلي ڪيتريون به سازشون ڇو نه ڪري وٺجن پر الله تعالٰي جي مدد ۽ پرعزم ۽ وفادار ڪارڪن مون سان گڏ آهن ۽ مون کي ڪنهن به شي جو خوف نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 3/8/2016 1
ڀلي ڪيتريون به سازشون ڇو نه ڪري وٺجن پر الله تعالٰي جي مدد ۽ پرعزم ۽ وفادار ڪارڪن مون سان گڏ آهن ۽ مون کي ڪنهن به شي جو خوف نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
مان وفادار ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو جو انهن باھ ۽ رت جا درياھ ته عبور ڪيا پر حق پرستي جي تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيو
ڪراچي صوبي ۾ سمورين قومن کي برابري جي بنياد تي حق ملندا ۽ انهن سان ڪائي به ناانصافي نه ٿيندي. 
نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب
لنڊن: 8 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن جي تنظيم آهي جن پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ لکين جانين جي قرباني ڏني، جيڪڏهن مهاجر نه هجن ها ته پاڪستان به نه بڻجي ها. ڀلي ڪيتريون ئي سازشون ڪري وٺجن، ظلم ۽ ڏاڍ جا حربا اختيار ڪيا وڃن پر الله تعالٰي جي مدد ۽ پرعزم ۽ وفادار ڪارڪن مون سان گڏ آهن ۽ مون کي ڪنهن به شي جو خوف نه آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هزارن جي تعداد ۾ 
ڪارڪن موجود هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن جي مسلمانن پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو. بزرگن جي سامهون انهن جي نوجوان پٽن کي ڪٺو ويو. حامله عورتن جا پيٽ ڪٽي ڪري انهن جي ٻارن کي نيزن تي اڇلايو ويو. انهن جا گهر بار لٽي ڪري ساڙيا ويا. پر ان جي باوجود انهن اهو نعرو هنيو ته بٽ ڪي رهي گا هندستان اور لي ڪي رهين گي پاڪستان. انهن فرمايو ته جيڪڏهن مهاجر نه هجن ها ته پوءِ پاڪستان به نه بڻجي ها. ايم ڪيو ايم انهن ئي بانيان پاڪستان جي اولادن جي تنظيم آهي. جن پاڪستان بڻايو هو. انهن فرمايو ته اسان مهاجرن جي حقن جي لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو ته اسان تي رياستي ظلمن جا جبل ٽوڙيا ويا. اسان جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. انهن فرمايو ته مان پهرين به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو ته اها ڊي سينٽر لائيزيشن جي صدي آهي ۽ پاڪستان کي بچائڻ ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هاڻي 20 صوبا بڻائڻا پوندا. انهن فرمايو ته منهنجو تحريڪ جي ڪارڪنن، ذميوارن ۽ چونڊيل نمائندن کي اهو ئي چوڻ رهيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪريو. عوام جا مسئلا حل ڪريو. اسيرن ۽ شهيدن جي پونئرن جي خدمت ڪريو. انهن فرمايو ته اڄ ڪجھھ مخالف چون ٿا ته مان عورتن جي توهين ڪئي هئي، حالانڪه مان پنهنجن ڪارڪنن کي هميشه عورتن جي احترام جو درس ڏنو آهي. مان ڪارڪنن کي تڪبر ۾ مبتلا نه ٿيڻ جو درس ڏنو آهي. انهن فرمايو ته پنجاب ۾ غريب مزدور، هاري ۽ ڪڙمي پنهنجن زميندارن جا غلام تصور ڪيا وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪوئي زميندا انهن هارين ۽ پورهيتن کان ناراض ٿي وڃي ته  اهو انهن جي عورتن کي اگهاڙو ڪري جلوس ڪڍي ٿو. اهڙي طرح سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار عورتن کي ڪاروڪاري قرار ڏيئي ڪري انهن کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ غيرت جي نالي تي عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. سوات ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ عورتن کي تاڙين وڄائڻ ۽ ڇوڪرن کي روايتي رقص ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڦاهي ڏني وئي. بلوچستان ۾ عورتن کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل نه آهي. بلوچستان ۾ غيرت جي نالي تي پنجن عورتن کي زنده دفن ڪيو ويو. ان تي سينيٽ ۾ هڪ سينيٽر کلي عام اقرار ڪيو ته اهو اسان جي ثقافت جو حصو آهي. پر ان جي خلاف ڪوئي به ايڪشن نه ورتو ويو ۽ نه ئي عورتن کي زنده دفن ڪرڻ تي اسٽيبلشمينٽ ، سيڪيورٽي ايجنسين، رينجر ۽ حڪومت حرڪت ۾ آئي. انهن فرمايو ته  اهو ظلم اللهتعالٰي ڏسي رهيو آهي. الله تعالٰي جڏهن ظالمن جي رسي کي ڇڪي ٿو ته پوءِ وڏن وڏن فرعونن، هامانن ۽ شدادن جون بادشاهيون ڍير ٿي وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه فڪر و فلسفي کان متاثر ٿي ڪري پختونن، سنڌين، بلوچن، پنجابين، سرائيڪين، ڪشميرين، هزاري والن ۽ ٻين قومن جي ماڻهن ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي ته ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جا ليڊر انهن کان ناراض ٿيڻ لڳا ۽ انهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي خوفزده ڪرڻ جي لاءِ انهن جي خلاف ڪوڙا مقدما بڻائڻ شروع ڪيا، پر ظلم ۽ ڏاڍ  جو ڪوئي به هٿڪنڊو حق پرست ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين کان پري ڪري نه ٿو سگهي. انهن پاڪستان جي سمورين قومن، مسلڪن، عقيدن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي يقين ڏياريو ته ڪراچي صوبي ۾ انهن کي برابري جي بنياد تي حق ملندا ۽ انهن سان ڪائي به ناانصافي نه ٿيندي. انهن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ 20 صوبن جي قيام جو مطالبو سراسر جائز ۽ سائنٽفڪ آهي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ وڌيڪ 20 صوبا بڻجي ويا ته ملڪ ۽ قوم تي مسلط فرسوده جاگيرداراڻه نظام پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندو. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان باھ ۽ رت جا تمام گهڻا درياھ عبور ڪيا آهن. پر پوءِ به توهان حق پرستي جي تحريڪ جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ مان کلي عام چوان ٿو ته الله تعالٰي جي مدد ۽ پرعزم ۽ وفادار ساٿي مون سان گڏ آهن ته مون کي ڪنهن به شي جو خوف نه آهي. رابطا ڪميٽي جا سچا ۽ بهادر ميمبر، پرعزم ۽ جيالا ڪارڪن، امڙيون ۽ بزرگ، الطاف حسين جو فخر آهن. جن تي الطاف حسين کي وڏو ناز آهي. جيڪي ايترن ڏکين ۽ مشڪل حالتن ۾ به ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ ۽ سنڌ حڪومت جي مرضي تي اوهان جي خلاف ڪوڙا مقدما بڻايا پيا وڃن پر انشاء الله تعالٰي فتح حق پرستن جي ئي ٿيندي ۽ حق پرستي جو نظريو زنده رهندو. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي تاڪيد ڪئي ته اهي چوڪس رهن. حالتن تي ڪڙي نظر رکن ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن، انشاء الله تعالٰي تحريڪ جي خلاف سازشون ڪرڻ وارن کي ماضي وانگر هن ڀيري به ذلت ۽ رسوائي نصيب ٿيندي.

4/27/2024 11:13:53 AM