Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي تنقيد ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ ملڪ جي سمورن مظلومن جي توهين آهي


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي تنقيد ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ ملڪ جي سمورن مظلومن جي توهين آهي
 Posted on: 3/4/2016 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي تنقيد ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ ملڪ جي سمورن مظلومن جي توهين آهي
نائن زيرو ۽ لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ موڪليل پيغامن ۾ اظهار
ڪراچي: 4 مارچ 2016 
                 پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جن ۾ ڪارڪنن سان گڏو گڏ عالمن سڳورن، واپارين، صنعتڪارن، وڪيلن، انجنيئرن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، ڊاڪٽرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ٽيلفون، فيڪس ۽ اي ميل جي ذريعي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان اسان جو رشتو دنيا جي ڪائي به سازش ۽ ڪوڙو پروفيگنڊو ٽوڙي نه ٿو سگهي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سڄي زندگي مظلوم قومن جي حقن جي جدوجهد جي لاءِ وقف آهي ۽ مظلوم قومن جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ واري عظيم قائد تي تنقيد ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ ملڪ جي سمورين مظلوم قومن جي توهين آهي. انهن چيو ته اهي سازشون اڳ به ڪيون ويون پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي الله تعالٰي انهن سازشن کان هميشه محفوظ رکيو ۽ سازشي عناصرکي هميشه خوار ڪيو ۽ هن ڀيري به الله تعالٰي انهن کي ذليل ڪندو. انهن وڌيڪ چيو ته حق پرستي جي جدوجهد ڪرڻ واري هر ليڊر جي اڳيان مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا غدار اچن ٿا پر انهن کان گهبرائڻ حق پرستن جو مان نه آهي. ۽مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ماڻهن جو انجام اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو هميشه کان ٿيندو پيو اچي. ان موقعي تي انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان تجديد عهد وفا  به ڪيو ۽ انهن جي صحت و سلامتي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

5/5/2024 6:29:08 AM