Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪراچي جي 18 هنڌن تي هڪ ئي وقت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪراچي جي 18 هنڌن تي هڪ ئي وقت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
 Posted on: 3/4/2016 1
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪراچي جي 18 هنڌن تي هڪ ئي وقت قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ريليون ڪڍيون ويون
ڪراچي: 4 مارچ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ  ڪراچي جي 18 هنڌن تي وڏيون ريليون ڪڍيون ويون. انهن ريلين ۾ ڪارڪنن ۽ مختلف مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. تفصيلات جي مطابق لانڍي ۾ عمران شهيد پارڪ، ڪورنگي ۾ 5 نمبر، ملير ۾ آر سي ڊي گرائونڊ، شاھ فيصل ڪالوني ۾ گرين بيلٽ، گلستان جوهر ۾ جوهر موڙ، اسڪيم 33 ۾ مسڪن چورنگي، گلشن اقبال ۾ حسن اسڪوائر، لائينز ايريا ۾ نمائش، سوسائٽي ۾ بهادر آباد چورنگي، محمود آباد ۾ ستار بيڪري، ڊفينس ۾ 2 تلوار، برنس روڊ تي فريسڪو چوڪ، پاڪ ڪالوني ۾ بڙا بورڊ، بلديه ٽائون ۾ اڪبر گرائونڊ، قصبه علي ڳڙھ ۾ قصبه موڙ، اورنگي ٽائون ۾ 5 نمبر چورنگي، نارٿ ڪراچي ۾ ناگن چورنگي، نارٿ ناظم آباد ۾ فائيو اسٽار چورنگي، لياقت آباد ۾ 10 نمبر ۽ فيڊرل بي ايريا ۾ واٽر پمپ چورنگي تي يڪجهتي جون ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۾ عوام پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جملا به لکيل هئا. جڏهن ته مظاهرين جناب الطاف حسين جي حق ۾ زبردست نعري بازي به ڪري رهيا هئا. انهن مظاهرن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان، اسلم آفريدي، محترمه زرين مجيد، عادل خان، ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده، ڪنور نويد جميل، ڪمال ملڪ، محترمه نسرين جليل، قاسم علي رضا، امين الحق، محترمه ريحانه نسرين، اقبال مقدم، ارشد حسن، زاهد منصوري، مطيع الرحمٰن، محمد حسين، عبدالحسيب، نامزد ميئر وسيم اختر ۽ چونڊيل نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلين کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ڪروڙين عوام ماضي وانگر هن ڀيري به گڏ آهن ۽ انهن کي ڪائي به سازش جناب الطاف حسين ڀاءُ کان پري ڪري نه ٿي سگهي. انهن چيو ته جن ٻن ماڻهن کي هڪ سازش جي تحت سامهون آندو ويو آهي اهي  ٽيسٽ ٽيوب جا بي بي آهن جن کي عوام مڪمل طور تي رڌ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته جيڪي ٻه ماڻهو اڄ پنهنجي پاڻ کي معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي وقت ٻڌائيندو ته اهي سازشون ڪندڙن جي هٿن ۾ نه صرف استعمال ٿيا آهن پر انهن پنهنجي دنيا ۽ آخرت به تباھ ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي مظاهرن جي شرڪاء به پنهنجن جذبن جو  اظهار ڪندي چيو ته اسان جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهيون ۽ سازشي عناصر کي عبرتناڪ ذلت جو سامنو ڪرڻو پوندو. 
*****


5/5/2024 11:43:04 AM