Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ صفائي مهم جي آغاز جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ حق پرست چونڊيل نمائندن جو اجلاس


ڪراچي ۾ صفائي مهم جي آغاز جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ حق پرست چونڊيل نمائندن جو اجلاس
 Posted on: 3/2/2016 1
ڪراچي ۾ صفائي مهم جي آغاز جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ حق پرست چونڊيل نمائندن جو اجلاس
شهر قائد جي ترقي ۽ خوشحالي اولين مقصد آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي صاف سٿرو بڻائيندي.ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 2 مارچ 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ صفائي مهم جي آغاز سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي سربراهي ۾ حق پرست چونڊيل نمائندن جو اهم اجلاس لال قلعه گرائونڊ ۾ ٿيو. جنهن ۾ ڪراچي سان تعلق رکندڙ سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، يوسي ناظمن، نائب ناظمن، ڪائونسلرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، ڪمال ملڪ، عادل خان، زاهد منصوري، ريحانه نسرين، محمد حسين، نامزد ميئر وسيم اختر، ارشد وهره ۽ ٻيا به موجود هئا. اجلاس ۾ گهٽين، روڊن ۽ رستن تي ڪن جي ڍيرن، روڊن جي ڀڃ ڊاھ ۽ سيوريج جي ناقص صورتحال تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان هڪ هفتي ۾ صفائي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کان اڳ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ ضلعي سطح تي ڪميٽيون به تشڪيل ڏنيون جيڪي صفائي مهم 
جي نگراني ڪنديون. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته صفائي سٿرائي مهم وقت جي اهم ضرورت آهي. ايم ڪيو ايم ماضي جي روايتن کي برقرار رکندي هفته صفائي مهم ڪرڻ جو آغاز ڪرڻ پئي وڃي ۽ تمام تر ڏکين حالتن ۽ فنڊن جي ڪمي جي باوجود پنهنجن وسيلن کي استعمال ڪندي ۽ ڪراچي کي صاف سٿرو شهر بڻائيندي. جنهن کان پوءِ ان مهم جو دائرو حيدرآباد ۽ ميرپور خاص تائين به وڌايو ويندو. انهن چيو ته صفائي سٿرائي مهم جي آغاز جي سلسلي ۾ حق پرست نمائندا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ حق پرست عوام، برادرين، انجمنن، واپارين، فليٽ يونين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان به ملاقات ڪندا. ڊاڪٽر فاروق ستار سمورن چونڊيل نمائندن کي چيو ته اهي پنهنجيون تياريون مڪمل ڪري وٺن ۽ پنهنجن رابطن کي مضبوط بڻائين. انهن چيو ته اسان کي ڪجھھ به نه گهرجي اسان صرف اختيار گهري رهيا آهيون ۽ اختيارن جي حصول جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ تاريخي ڌرڻو به ڏينداسين.جيڪو حق ملڻ تائين جاري رهندو. اجلاس کي شاهد پاشا به مختصر خطاب به ڪندو.
*****c

5/5/2024 5:35:23 AM