رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار خان جي ڀيڻ جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار
ڪراچي: 2 مارچ 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي، رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار خان جي ڀيڻ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
ان کان علاوه مرحومه کي نارٿ ڪراچي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحومه جي جنازي نماز مقامي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن عبدالحسيب ۽ اقبال مقدم ۽ ٻين کان علاوه مرحومه جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.