Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

روزاني اخبار اوصاف ملڪ جي وچولي طبقي جي آواز بلند ڪندي رهندي ۽ ڪراچي جي مسئلن کي به اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي .ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 3/2/2016 1
روزاني اخبار اوصاف ملڪ جي وچولي طبقي جي آواز بلند ڪندي رهندي ۽ ڪراچي جي مسئلن کي به اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي .ڊاڪٽر فاروق ستار.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ روزاني اخبار اوصاف جي گروپ ايڊيٽر محسن بلال سان ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 2 مارچ 2016 
                 روزاني اخبار اوصاف جي گروپ ايڊيٽر محسن بلال جي سربراهي ۾ هڪ وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار وفد کي خوش آمديد چيو ۽ لنڊن جي ٻين شهرن وانگر هاڻي ڪراچي کان روزاني اخبار اوصاف جي باقائده ابتدا تي اوصاف جي ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته صحافت جي شعبي ۾ روزاني اخبار اوصاف هڪ سٺو اضافو آهي جيڪا عوامي مسئلن سان گڏو گڏ صحافي برادري جي حقن جي لاءِ به پنهنجين صحافتي ذميوارين کي پوري ڪندي . انهن اميد ظاهر ڪئي ته روزاني اخبار اوصاف ملڪ جي وچولي طبقي جي ماڻهن جي آواز بلند ڪندي ۽ ڪراچي جي مسئلن کي به اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي روزاني اخبار اوصاف جي گروپ ايڊيٽر محسن بلال اوصاف جي لاءِ جناب الطاف حسين جي خصوصي پيغام تي  شڪريو به ادا ڪندي چيو ته اهي اڄ نائن زيرو تي اچي ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن. ڇو ته ملڪ ۾ تمام گهٽ جماعتون اهڙيون آهن جن جو ميڊيا سان تعلق ايترو منظم ۽ ڪارڪن ايترا متحرڪ هجن. ان موقعي تي امين الحق روزاني اخبار اوصاف جي گروپ ايڊيٽر محسن بلال جو شڪريو به ادا ڪيو.

5/5/2024 8:49:38 AM