Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسي ايشن ( ايپڪا ) سنڌ سان تعلق رکندڙ 1 گريڊ کان 16 گريڊ تائين جي ملازمن جي پوسٽن کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسي ايشن ( ايپڪا ) سنڌ سان تعلق رکندڙ  1  گريڊ کان 16  گريڊ تائين جي ملازمن جي پوسٽن کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 3/1/2016 1
آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسي ايشن ( ايپڪا ) سنڌ سان تعلق رکندڙ  1  گريڊ کان 16  گريڊ تائين جي ملازمن جي پوسٽن کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: پهرين مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسي ايشن ( ايپڪا ) سنڌ سان تعلق رکندڙ 1 کان 16 گريڊ تائين جي ملازمن جي پوسٽن کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪيو وڃي . پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايپڪا 16 گريڊ تائين جي ملازمن جي نمائنده ايسوسي ايشن آهي ۽ ايپڪا 1 گريڊ کان 16 گريڊ جي ملازمن کي اپ گريڊيشن ڏيارڻ جي لاءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ جو آغاز 2014 ۾ ڪيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪي پي ڪي ، بلوچستان، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ڪلارڪن جي پوسٽن کي اپ گريڊ ڪري ڇڏيو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھھ وڏي افسوسناڪ آهي ته سنڌ ۾ ايپڪا ملازمن جي احتجاجي مظاهرن جي باوجود حڪومت ان طرف توجه نه ڏيئي رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هر شعور رکندڙ شخص اهو سوال ڪرڻ جو حق رکي ٿو ته جڏهن پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ايپڪا ملازمن کي اپ گريڊ ڪري انهن کي حق ڏيئي ڇڏيا آهن ته سنڌ حڪومت ملازمن کي اپ گريڊ ڪرڻ کان ڇو لنوائي رهي آهي . رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان پرزور مطالبو ڪيو ته ايپڪا سان تعلق رکندڙ ملازمن جي پوسٽن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي دور ڪيو وڃي ۽ ملازمن جي پوسٽن کي فوري طور تي اپ گريڊ ڪري انهن کي حق ڏنا وڃن. 
*****

5/5/2024 6:02:09 AM