عالمي شهرت يافته فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو آسڪر اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد پيش
لنڊن: 29 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عالمي شهرت يافته فلم ڊائريڪٽر شرمين عبيد چناءِ جي طرفان ٻيو ڀيرو اڪيڊمي ايوارڊ کٽڻ تي پوري پاڪستاني قوم ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي طرفان دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.پنهنجي هڪ مباڪباد جي پيغام ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شرمين عبيد چناءِ غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ تي ٻڌل دستاويزي فلمون بڻائي ڪري عورتن سان ٿيندڙ ظلم کي نه صرف سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي بلڪه ان جي روڪٿام جي لاءِ عملي ڪم به ڪري ڏيکاريو آهي. جنهن تي شرمين عبيد چناءِ ۽ فلم جي تڪميل ۾ حصو وٺڻ وارا سمورا ماڻهو زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته انهن عورتن تي ظلم جي باري ۾ دستاويزي فلم بڻائي ڪري ۽ اڪيڊمي ايوارڊ حاصل ڪري پوري پاڪستاني قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني قوم هڪ باصلاحيت قوم آهي.