Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عدنان احمد جي گهر ڦر جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عدنان احمد جي گهر ڦر جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 2/29/2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عدنان احمد جي گهر ڦر جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 29 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبر عدنان احمد جي گهر ڏينهن ڏٺي جو ڦر جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گلشن اقبال 13 ڊي ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر عدنان احمد جي گهر ڏينهن ڏٺي جو ٻن گاڏين ۾ سوار 8 ڦورن انهن جي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. انهن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. جيڪو سنڌ حڪومت جي لاءِ وڏي ڳڻتي جي ڳالھھ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ  ۽ وزير داخلا سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته اهي عدنان احمد جي گهر ڦر جي واقعي جو نوٽس وٺن ۽ ان ۾ واقعي ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪرائي قانون جي مطابق سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.

5/5/2024 9:21:10 AM