Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪي پي ڪي جي حقن ۽ مفادن جو پورو خيال رکيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪي پي ڪي جي حقن ۽ مفادن جو پورو خيال رکيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/29/2016
چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪي پي ڪي جي حقن ۽ مفادن جو پورو خيال رکيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ضرب عضب ۾ جتي فوج قربانيون ڏنيون آهن ته اتي ڪي پي ڪي جي عوام به وڏيون قربانيون ڏنيون آهن
ماضي ۾ ڪراچي ۾ هڪ سازش جي تحت پختونن ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويو، پر اڄ اسان جي وچ ۾ ڪوئي به جهيڙو نه آهي ۽ اسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون.
ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي جي ڪنوينشن کي خطاب
لنڊن: 29 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڪي پي ڪي جي حقن ۽ مفادن جو پورو خيال رکيو وڃي ۽ اولھھ راهداري منصوبي کي پهرين مڪمل ڪيو وڃي. ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي عوام کي معاشي ترقي ۾ حصي دار بڻايو وڃي. اهو انهن جي قربانين جو اعتراف به هوندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي فرمايو . ڪنوينشن ۾ ڪي پي ڪي جي سمورن شهرن ، هزاره بيلٽ ۽ قبائلي علائقن سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن سان گڏو گڏ مڪاني اليڪشن ۾ ڪي پي ڪي مان چونڊيل 64 حق پرست ڪائونسلرن به شرڪت ڪئي. جن ۾ 28 خواتين ڪائونسلر به شامل هيون. ڪنوينشن ۾ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب زون ۽ اسلام آباد جي ذميوارن به شرڪت ڪئي.ڪنوينشن کي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڪنور نويد جميل، شبير قائم خاني، گلفراز خان خٽڪ، اسلم آفريدي، ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي صدر ميان عتيق به خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪي پي ڪي جي صوبائي عهديدارن جي نالن جو اعلان به ڪيو ويو. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته پاڪستان کي قائم ٿئي 68 سال ٿي چڪا آهن پر ڪي پي ڪي جا عوام سالن کان بدامني، دهشت گردي، غربت ۽ افلاس جو شڪار آهن. هتي صحت جي سهولتن جو  فقدان آهي ۽ اسڪولن جي به ڪمي آهي. ڪي پي ڪي جا ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ سڄي ملڪ ۾ ڦرن ٿا. پر انهن کي روزگار نه ٿو ملي. انهن فرمايو ته ضرب عضب ۾ جتي فوج قربانيون ڏنيون آهن ته اتي ڪي پي ڪي جي عوام به ان کان وڌيڪ امن جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن. امن جي خاطر هتان لکين ماڻهن کي پنهنجن گهرن کان دربدر ٿيڻو پيو، لکن جي تعداد ۾ آئي ڊي پيز اڄ به پنهنجن گهرن کان پري آهن ۽ بي وسي جي زندگي گذاري رهيا آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن آئي ڊي پيز جي بحالي جي لاءِ وڏا وڏا دعوٰي ڪيا پر اهي آئي ڊي پيز جي بحالي ۾ ناڪام رهيون آهن. اڄ تائين سوات آپريشن جا متاثر به مڪمل طور تي بحال نه ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته وزير ستان آپريشن جا متاثر هن مهل تائين ڪيمپن ۾ موجود آهن.انهن فرمايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي آئي ڊي پيز سان ڪائي به محبت نه آهي. جيڪڏهن ڪي پي ڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت هجي ته اسان ٽن مهينن ۾ ئي سمورن آئي ڊي پيز کي انهن جي گهرن ۾ وسائي ڇڏيون. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي جي عوام امن جي قيام جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن. انهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي. انهن جي قربانين جو اعتراف ڪندي ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي سان ٿيندڙ معاشي ترقي ۾ ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي عوام کي به حصيدار بڻايو وڃي ۽ ڪي پي ڪي جي عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي اقتصادي راهداري منصوبي جي اولھھ حصي کي پهرين بڻايو وڃي. انهن فرمايو ته ان وڏي منصوبي ۾ ڪي پي ڪي جي مفادن کي فراموش ڪري صرف هڪ صوبي جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ صرف انهي جي لاءِ ڪم ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته ڪي پي ڪي جي پختونن ۽ قبائلي علائقن جي عوام سان گڏو گڏ هزاري وال جي عوام سان به ملايو وڃي ۽ انهن جي پراڻڻ مطالبن تي به توجه ڏني وڃي. انهن فرمايو ته وزير اعظم ميان نواز شريف چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي معاهدي جي لاءِ چين ويا ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن جي بجاءِ اهي صرف پنهنجي ڀاءُ وزير اعلٰي ميان شهباز شريف کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. انهن سوال ڪيو ته وزير اعظم پاڻ سان گڏ ڪي پي ڪي ، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي ساڻ وٺي ڪري ڇو نه ويا؟ انهن فرمايو ته اهو تعصب ختم ٿيڻ گهرجي. الطاف حسين ملڪ مان انهي تعصب کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آيو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ڪنهن هڪ خاندان يا ڪجھھ خاندانن جو نه بلڪه سمورن پاڪستانين جو آهي. ان جي ڪري پنهنجن ڀائرن ، ڀاڻيجن، ڀائيٽن ۽ ٻين مٽن مائٽن کي نوازڻ جي بجاءِ جيڪو به ميرٽ تي پورو لهندو هجي ان کي ان جو حق ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين اجتماع جي شرڪاء کي چيو ته اسان کي پاڪستان کي چند خاندانن کان ڇڻڻو آهي ۽  عوام کي انهن جا حق ڏيارڻا آهن ۽ ڪجھھ خاندانن جي بجاءِ غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام کي اقتدار ڏيارڻو آهي. جڏهن غريب ۽ وچولي طبقي جو انقلاب ايندو ته سرڪاري خزانو لٽڻ وارن ۽ اربن کربن جا قرض وٺي ڪري هڙپ ڪرڻ وارن جون جائيدادون نيلام ڪري لٽيل هڪ هڪ پائي سرڪاري خزاني  ۾ جمع ڪرائي ويندي. انهن فرمايو ته اهو ڪم الطاف حسين اڪيلو نه ٿو ڪري سگهي. ان  جي لاءِ ڪي پي ڪي جا نوجوان، بزرگ، امڙيون ، ڀينرون ، شاگرد ۽ ٻيا سمورا ماڻهو اڳتي اچن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پکڙجي وڃن. ايم ڪيو ايم جو لٽريچر پاڻ  پڙهن ۽ ٻين کي به پڙهائين. انهن فرمايو ته اسان ملڪ ۾ اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سڀني کي برابر جا حق حاصل هجن. عورتن کي به زندگي جي سمورن شعبن ۾ مردن جي برابر حق حاصل هجن. اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو جڏهن به اليڪشن ٿين ته ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ کان محروم رکيو وڃي ٿو. انهن ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته عورت ماءُ به آهي ، ڀيڻ به آهي.زال به آهي ۽  ڌيءَ به آهي. اسان کي پنهنجين امڙين، ڀينرن ۽ نياڻين جي عزت ڪرڻ گهرجي. انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي. انهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. انهن کي تعليم ڏيارڻ گهرجي. اهڙي طرح نوجوانن کي به تعليم ڏيارڻ گهرجي. اڄ دنيا ۾ جتي جتي به ترقي ٿي رهي آهي. اها تعليم جي ڪري ئي ٿي رهي آهي. اسان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي به حديث مبارڪ آهي ته علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي. اهڙي طرح نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم اهو به فرمايو آهي ته علم حاصل ڪريو پوءِ ڀلي توهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي. انهن فرمايو ته پختون هڪ محنتي قوم آهي. سڄي ملڪ ۾ جتي جتي به تعميراتي ۽ ترقياتي  ڪم ٿين ٿا ته اتي محنت ۽ مزدوري ۽ سخت ڪم ڪرڻ جي لاءِ پختونن کي ئي آندو وڃي ٿو. اهي پنهنجي محنت سان وڏيون وڏيون بلڊنگون تعمير ڪن ٿا. پر پاڻ انهن کي ڪچا گهر به ميسر نه آهن. انهن فرمايو ته ملڪ جي ٻين حصن وانگر ڪراچي ۾ به پختون محنت ۽ مزدوري جي لاءِ آيا، ماضي ۾ ڪراچي ۾ هڪ سازش جي تحت پختونن ۽ مهاجرن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويو. ، پر اڄ اسان جي وچ ۾ ڪوئي به جهيڙو نه آهي. اسان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون. انهن پختونن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اچو منهنجا پختون ڀائرو !جيڪڏهن اسان جي وچ ۾ ڪائي غلط فهمي آهي ته اسان وچ ۾ قرآن پاڪ رکي ڪري هڪ ٻئي کي معاف ڪري ڇڏيون ۽ هڪ ٻئي کي سيني سان لڳايون ، اچو اسان پاڻ ۾ متحد ٿي وڃون، جيڪڏهن اسان متحد ٿي وياسين ته پوءِ هڪ طاقت بڻجي وينداسين ۽ جڏهن اسان طاقت بڻجي وياسين ته پوءِ اسان گڏجي ڪري پنهنجا حق به حاصل ڪري وٺنداسين.  انهن فرمايو ته پختون عوام کي الطاف حسين جي خلاف وڏو ڀڙڪايو ويو. پر سازشي عناصر جي سازش ناڪام ٿي وئي ۽ اڄ الله تعالٰي جي فضل و ڪرم سان اسان هڪ ٿي ويا آهيون. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي آئنده اليڪشن ۾ ڪي پي ڪي جا عوام پنهنجي اتحاد سان ثابت ڪري ڇڏيندا ته ڪي پي ڪي رحمان بابا ، خوشحال خان خٽڪ ۽ باچا خان جي سچي چاهڻ واري الطاف حسين جو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿيندي ته پوءِ هتي محروم عوام کي انهن جا حق به ملندا. هتي اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون به قائم ٿينديون. روڊ ٺهندا ۽ ترقي به ٿيندي. انهن فرمايو ته پٺاڻ سخت محنتي هوندا آهن. جيڪڏهن پٺاڻن کي صحيح استاد ۽ نيڪ ماڻهو ملي وڃن ته ڪي پي ڪي نه صرف ترقي ڪندو پر دنيا جي خوبصورت علائقن ۾ به سڀني کان وڌيڪ خوبصورت علائقو بڻجي ويندو. جناب الطاف حسين ڪنوينشن جي انعقاد تي وڏي خوشي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون کي اهو ڏسي ڪري وڏي خوشي ٿي آهي جو اڄ جي ڪنوينشن ۾ ڪي پي ڪي جي نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏو گڏ تمام تر خراب حالتن جي باوجود امڙيون ۽ ڀينرون به شريڪ آهن. جن ۾ خواتين ڪائونسلر به شامل آهن. الله تعالٰي انهن کي ان جو اجر عطا فرمائي. منهنجي ڪي پي ڪي جي ڀينرن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته بهادر ڀاءُ جون ڀينرون به بهادر هونديون آهن. جناب الطاف حسين ڪنوينشن جي انعقاد  تي ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين ۽ شاباش به پيش ڪئي. انهن ڪي پي ڪي جي صوبائي عهديدارن کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي پاڪستان ۾ انقلاب جو هر اول دستو بڻائي ڇڏي.آمين. 


5/5/2024 3:13:00 AM