ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي تي حق پرست عوام سان تشڪر جو اظهار
ڪراچي: 26 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو آدم جي وارڊ نمبر 4 کان محمد صادق قائم خاني، وارڊ نمبر 5 کان اصغر عباسي، وارڊ نمبر 7 کان شوڪت شيخ ۽ وارڊ نمبر 22 کان نور خان راجپوت جي شاندار ڪاميابي تي سانگهڙ جي حق پرست عوام جو شڪريو ادا ڪندي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ ۾ جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جي ڪري تعليم يافته ۽ باشعور نوجوان ملڪ جي ايوانن ۾ نه ٿا پهچي سگهن ۽ انهن جي تقدير جا فيصلا موروثي سياستدان ئي ڪن ٿا. پر ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن ملڪ جي ايوانن ۾ وچولي طبقي جي نوجوانن کي موڪليو آهي.انهن چيو ته تمام تر ظلمن جي باوجود سانگهڙ جي حق پرست عوام ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي ايم ڪيو ايم تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جنهن تي اهي ڀرپور مبارڪباد جا مستحق آهن.
*****