ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني مشهور اداڪار حبيب الرحمٰن جي لاڏاڻي تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو
لاهور: 25 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني مشهور اداڪار حبيب الرحمٰن جي لاڏاڻي تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پنجاب جو سيڪريٽري جنرل ملڪ وسيم کوکر، سيڪريٽري نشر و اشاعت خرم شهزاد ۽ وچ پنجاب جو صدر سيد شاهين انور گيلاني به موجود هئا. ان موقعي تي شبير احمد قائم خاني مرحوم جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته مرحوم ملڪ جا وڏا اداڪار هئا. جن ڪيترن ئي مشهور فلمن ۾ اهم ڪردار ڪيو، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي انهن مرحوم جي بلند درجات ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي صاحبزادي فهد حبيب ايم ڪيو ايم وفد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم واحد سياسي جماعت آهي جنهن منهنجي والد مرحوم جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه جڏهن اهي بيمار هئا ته جناب الطاف حسين انهن جي خيريت به دريافت ڪئي هئي.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي وفد مرحوم جي جنازي نماز ۾ به شرڪت ڪئي.
*****