فلم انڊسٽري ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار حبيب الرحمٰن جي جي لاڏاڻي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 25 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فلم ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار حبيب الرحمٰن جي لاڏاڻي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حبيب الرحمٰن مرحوم هڪ باصلاحيت اداڪار هئا ۽ پاڪستان جي حڪومت جي طرفان مرحوم کي تمغه حسن ڪارڪردگي سان به نوازڻ مرحوم جي صلاحيتن جو کليل اعتراف آهي . انهن مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****