قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان صوبائي تنظيمي ڪميٽي گلگت بلتستان جي مرڪزي ميمبر ڪامران بلتي جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
ڪراچي: 24 فيبروري 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم صوبائي تنظيمي ڪميٽي گلگت بلتستان جي ميمبر ڪامران بلتي جي والده محترمه فريده ايوب جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن ڪامران بلتي سميت مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. ان کان علاوه انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.