جناب الطاف حسين ملڪ جي جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام ۽ موروثي سياست کي للڪاريو آهي. طاهر کوکر
مظفر آباد: 23 فيبروري 2016
آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر طاهر کوکر چيو آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن. جن جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام۽ موروثي سياست کي للڪاريندي غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو آهي ۽ انهي جي ڪري ئي انهن جي خطابن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ته جيئن عوام تائين حق جي آواز نه پهچي سگهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين جا قومي اسيمبلي ۾ 24، سنڌ اسيمبلي ۾ 51 ، سينيٽ ۾ 8 ۽ آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ 2 ايم ايل ايز آهن. انهن چيو ته ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت جي قائد جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي آئين جي آرٽيڪل 19 جي به کليل خلاف ورزي آهي.
*****