قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي پابندي جي خلاف پنجاب ۾ به علامتي بک هڙتال جو فيصلو
لاهور: 22 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ پنجاب ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي وانگر پنجاب ۾ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن، تقريرن ۽ تصويرن تي عائد پابندي جي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي. رابطا ڪميٽي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. اها علامتي بک هڙتال 23 فيبروري کان 24 فيبرروي تائين اسلام آباد، ملتان ۽ رحيم يار خان ۾ ۽ 25 فيبرروي تي لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڪئي ويندي.
*****