جميعت علماء اسلام سميع الحق گروپ ، جماعت اهل سنت پاڪستان، تحريڪ عوام اهل سنت پاڪستان ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جي عالمن سڳورن تي ٻڌل وفدن جو جناب الطاف حسين جي زبان بندي جي خلاف يڪجهتي جو اظهار
ڪراچي: 21 فيبروري 2016
مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جناب الطاف حسين جي بيانن، خطابن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف جاري بک هڙتالي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بک هڙتالي ڪيمپ تي ايندڙ عالمن سڳورن ۾ جميعت علماء اسلام سميع الحق گروپ جي صوبائي صدر حافظ احمد علي جي سربراهي ۾ 31 عالمن سڳورن جي وفد، جماعت اهل سنت پاڪستان جي ناظم اعلٰي محمد حسين لاکاني جي سربراهي ۾ 15 رڪني وفد، تحريڪ عوام اهل سنت پاڪستان جي سرپرست عاطف حنيف بلو ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جي عالمن سڳورن بک هڙتالي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.
*****