Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ اسان پرامن طريقي سان پنهنجن حقن جي لاءِ روڊن تي موجود آهيون.پر اسان کي ڪنهن وڏي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين


اڄ اسان پرامن طريقي سان پنهنجن حقن جي لاءِ روڊن تي موجود آهيون.پر اسان کي  ڪنهن وڏي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
 Posted on: 2/18/2016
اڄ اسان پرامن طريقي سان پنهنجن حقن جي لاءِ روڊن تي موجود آهيون.پر اسان کي  ڪنهن وڏي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين
اورنگي ٽائون ۾ مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 18 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر محمد حسين چيو آهي ته اڄ جي ان احتجاجي مظاهري ۾ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي جي مطابق پنهنجن حقن جي لاءِ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا آهن.پر اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي جو اسان ڪو وڏو قدم کڻون.انهن خيالن جو اظهار انهن اورنگي ٽائون ۾ هڪ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. اهو مظاهرو پاڻي، بجلي ، گيس ۽ ٻين مسئلن جي حل جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. محمد حسين خطاب ڪندي حڪمرانن کان سوال ڪيو ته ڇا ڪراچي ۾ رهڻ وارا پاڪستاني نه آهن. پر جيڪڏهن اوهان ڪراچي وارن کي پاڪستاني سمجهو ٿا ته پوءِ اسان سان اهڙو سلوڪ ڇو؟ انهن چيو ته اهي جيڪي هتي احتجاج ڪري رهيا آهن. اهي انهن جون اولادون آهن جن پاڪستان جي لاءِ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو.انهن چيو ته نادرا وارا اورنگي ٽائون جي ماڻهن جا ته سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺهرائي ڏيئي رهيا آهن. پر افغانين ۽ پختونن جا 
سڃاڻپ ڪارڊ ته وڏي زور و شور سان بڻائي ڏيئي رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي ۽ ان تي دهشت گردي جا الزام بي بنياد آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي ڇو ته جناب الطاف حسين پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جا ضامن آهن.ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي ميمبر محبوب عالم چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان جي لاءِ 20 لک جانين جي قرباني ڏني هئي ۽ هاڻي انهن جي اولاد به پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ قربانيون ڏيئي رهي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اسيمبلي ميمبر يوسف شاهواڻي چيو ته جيڪڏهن اسان کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ اسان حق ڇني وٺنداسين. ان موقعي تي خطاب ڪندي اسيمبلي ميمبرن سيف الدين خالد ۽ ڪامران اختر چيو ته سنڌ حڪومت غريبن سان ظلم ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ان عوام کي حق نه ڏنا ته پوءِ سنڌ حڪومت ختم ٿي ويندي.

4/29/2024 8:18:08 AM