پورٽ قاسم موڙ جي ويجهو وين حادثي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 18 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پورٽ قاسم موڙ جي ويجهو وين جي دردناڪ حادثي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ۽ تيز رفتاري حادثن جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن ۽ حادثن جي روڪٿام جي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ٽريفڪ پوليس جي نظام جي بهتري جي لاءِ قدم کڻڻ بنيادي فرض آهي ته جيئن قيمتي انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. رابطا ڪميٽي ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.