Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مهمند ايجنسي ۾ پنڊيالي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي ۽ يڪا غنڊ ۾ خاصه دار فورس تي فائرنگ جي واقعن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


مهمند ايجنسي ۾ پنڊيالي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي ۽ يڪا غنڊ ۾ خاصه دار فورس تي فائرنگ جي واقعن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 2/18/2016
مهمند ايجنسي ۾ پنڊيالي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي ۽ يڪا غنڊ ۾ خاصه دار فورس تي فائرنگ جي واقعن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 18 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مهمند ايجنسي ۾ پنڊيالي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي ۽ يڪا غنڊ ۾ خاصه دار فورس تي فائرنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن ۾11 اهلڪارن  جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ملڪ جي دفاع جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جا جوان جهڙي طرح دهشت گردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. ان تي پوري قوم انهن کي سلام تحسين پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي لاءِ دعاگو آهي. رابطا ڪميٽي انهن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي انهن واقعن ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائي سخت ترين سزا ڏيارين ۽ ملڪ کان جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن.

4/29/2024 7:35:43 AM