سنڌ جي وزير خوراڪ ناصر شاھ جي سربراهي ۾ پي پي وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات
ڪراچي: 18 فيبروري 2016
سنڌ جي وزير خوراڪ ناصر شاھ جي سربراهي ۾ پي پي جي وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالقادر خانزاده ۽ ڪمال ملڪ سان ملاقات ڪئي. پي پي وفد ۾ نجمي عالم، وقار مهدي ۽ راشد رباني شامل هئا. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي وفد جو خير مقدم ڪيو. ملاقات ۾ پي پي جي وفد رابطا ڪميٽي کي آدمشماري جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ سنڌ سميت ملڪ جي گڏيل سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ به ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم سي اي سي جو انچارج فرقان اطيب، اسيمبلي ميمبر وسيم قريشي ۽ افتخار عالم به موجود هئا.