Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميڊيا تي جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم ڪراچي پريس ڪلب تي 19 فيبروري بروز جمعي کان 22 فيبروري بروز سومر تائين 4 ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو


 Posted on: 2/18/2016
ميڊيا تي جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم ڪراچي پريس ڪلب تي 19 فيبروري بروز جمعي کان 22 فيبروري بروز سومر تائين  4 ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو
علامتي بک هڙتال صبح 11 وڳي کان رات 11 وڳي تائين جاري رهندي
آرٽيڪل 19 جي تحت جناب الطاف حسين جي مٿان ميڊيا تي پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار
ڪراچي: 18 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي 6 مهينن کان پابندي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن کان پوءِ هاڻي 4 ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.علامتي بک هڙتال19 فيبروري بروز جمعي کان 22 فيبروري بروز سومر تائين صبح کان 11 وڳي کان رات 11 وڳي تائين جاري رهندي.جنهن ۾ رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽر، اسيمبلي ميمبر، مڪاني نمائندا، شعبن جا ميمبر ، علائقائي ذميوار ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا. اهو اعلان ڊاڪٽر فاروق ستار خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، محمد حسين ۽ اسلم آفريدي به 
موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ميڊيا تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي کي 6 مهينا ٿي چڪا آهن ۽ لاهور هائي ڪورٽ ۾ مقدمو باقائده هلڻ کان سواءِ ئي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جناب الطاف حسين تي اها پابندي قائم رهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي سان ڪارڪن سخت بي چين آهن. ڇو ته ان پابندي تي ڪائي به جرح نه ٿي آهي. هڪ پٽيشن کي وٺي ڪري پٽيشنر جي خواهش تي ملڪ جي چوٿين وڏي جماعت جي قائد تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ۽ اهو پاڪستان جي عدالتي تاريخ ۾ پهريون واقعو آهي . انهن چيو ته پاڪستان جي ڪورٽ سڳورين جي اها تاريخ رهي آهي ته جيڪڏهن حڪومت، انتظاميه يا قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ڪائي به ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي يا ڪنهن به پاڪستاني شهري جو بنيادي حق ڇنيو وڃي ته ڪورٽون سڳوريون ان سلسلي ۾ رليف ڏين ٿيون. پر اهو پهريون واقعو آهي جو عدالت جناب الطاف حسين تي ميڊيا  ۾ پابندي عائد ڪري اسان جو بنيادي حق ڇنيو آهي. انهن چيو ته ان معاملي ۾ اسان جڏهن سپريم ڪورٽ ويا هئاسين ته سپريم ڪورٽ واضع طور تي چيو هو ته اهو حڪم امتناع 15 ڏينهن کان وڌيڪ نه ٿو رهي سگهي.پر ان جي باوجود لاهور هائي ڪورٽ ۾ هر ٻڌڻي تي زباني طور تي جناب الطاف حسين تي عائد پابندي جي وقت ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ رجسٽر پارٽي آهي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان جا آئيني سربراھ آهن، پاڪستان جي آئين ۾ بنيادي حقن جي متعلق جيڪي شقون آهن ۽ انهن اسان کي آئين جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏني آهي پر لاهور هائي ڪورٽ اسان کي ان بنيادي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جناب الطاف حسين جي جنهن بيان يا تقرير کي جواز بڻائي ڪري انهن تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي ان تي اسان جو موقف نه پابندي جي وقت ٻڌو ويو ۽ نه ئي هن مهل تائين ٻڌو ويو آهي. انهن چيو ته جناب  الطاف حسين تي پابندي جي ٻڌڻي جلد کان جلد ٿيڻ گهرجي ۽ جيستائين ٻڌڻي نه ٿي ٿئي ته ان وقت تائين اسان جي بينادي حق کي بحال ڪيو وڃي. انهن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ اسان کان اسان جو حق ڇني ورتو آهي ته پوءِ ان جا سياسي اثر ٿيڻ به لازمي آهي.انهن چيو ته اهڙي طرح جي بنيادي حق کان عدالت جي هٿان محروم ڪرڻ سان سنڌ ۾ جيڪا اسان جي مقبوليت آهي ان جي ذهن ۾ اهو تاثر اچڻ لازمي آهي ته اهو لاهور ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ، سنڌ هائي ڪورٽ ۾ اهڙي پٽيشن دائر ڇو نه ڪئي وئي ۽ اهو به اسان جي لاءِ ڏکيو آهي ته اسان هر ٻڌڻي تي لاهور وڃون ۽ اهي سڀئي ڳالهيون احساس محرومي ۾ اضافو به ڪري رهيون آهن. انهن حڪمرانن کي خبردار ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن تي پابندي سان سياسي خلا پيدا ٿيندو ، دهشت گردي ۽ انتها پسندي کي فروغ ملندو .انهن چيو ته ملڪ هن وقت چورن، ڌاڙيلن ۽ دهشت گردن جي هٿن ۾ آهي ۽ جمهوريت جي آڙ ۾ پاڪستان ۾ آمريت قائم آهي ۽ مخصوص ماڻهن جو ملڪ جي اقتدار ۽ وسيلن تي قبضو ڪرايو پيو وڃي ۽ شايد جناب الطاف حسين جي ميڊيا تي پابندي به انهي جي ڪري آهي جو اهي انهن ملڪ لٽندڙن ۽ ملڪ دشمنن کي سڌيون ٻڌائي رهيا آهن ۽ طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ هاڻي داعش کي بي نقاب ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اسان ميڊيا تي جناب الطاف حسين تي غير جمهوري پابندي جي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍيون آهن ۽ اسان جي هاڻي به اها ئي ڪوشش آهي ته اسان ان حد تائين نه وڃون جو جتي اسان توهين عدالت جا مرتڪب ٿي وڃون ، انهن چيو ته اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جي پيغام کي ڪورٽ سڳوري به سنجيدگي سان وٺندي. انهن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 19 جي تحت جناب الطاف حسين تان پابندي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.انهن چيو ته لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم وزير اعظم جي رهائشگاھ جي سامهون بک هڙتال ڪئي آهي ۽ اسان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي به رستو نه آهي ته اسان بک هڙتال جي سلسلي کي جاري رکون. انهي جي ڪري اسان 4 ڏينهن جي بک هڙتال جو اعلان ڪيو آهي

4/29/2024 4:20:47 AM