Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجن مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.خواجه اظهار الحسن


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  پنهنجن مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.خواجه اظهار الحسن
 Posted on: 2/17/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  پنهنجن مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.خواجه اظهار الحسن
مڪاني اليڪشن ٿئي اڍائي مهينا ٿي چڪا آهن پر سنڌ حڪومت سنڌ جي شهري حڪومتن کي اختيار نه ڏيئي ڪري آئين جون ڌڄيون اڏائي رهي آهي.وسيم اختر
نارٿ ڪراچي ۾ ناگن چورنگي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 17 فيبروري 2016 
                  سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  پنهنجن مفادن جي لاءِ بلڪه عوام جي مفادن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهن خيالن جو اظهار انهن  نارٿ ڪراچي ۾ ناگن چورنگي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا.خواجه اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي جي مطابق مظلومن جي حقن جي لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي. انهن وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کي مخاطب ڪندي چيو ته اڄ جو مظاهرو ڪنهن فرد واحد جي لاءِ نه بلڪه عوام جي حقن جي لاءِ ٿي رهيو آهي.اسان کي پاڻي، بجلي، 
گيس ۽ سستي ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وڃي ۽ ملڪ کان مهانگائي جو خاتمو ڪيو وڃي. اهو شهر وفاق کي 23 سو ارب روپيا ٽيڪس ڏيئي ٿو پر موٽ ۾ ڪجھھ به نه ٿو  ڏنو وڃي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي عائد پابندي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ پنهنجا حق حاصل ڪري ئي رهنداسين.انهن چيو ته جيڪڏهن اسان کي حق نه ڏنو ويو ته اسان سنڌ حڪومت کي به هلڻ نه ڏينداسين. انهن چيو ته مڪاني اليڪشن کي ٿئي اڍائي مهينا ٿي چڪا آهن پر هن مهل تائين مڪاني ادارن کي اختيار نه ڏنا ويا آهن. انهن چيو ته سنڌ حڪومت جو وس هلي ته اها هر ادارو پاڻ وٽ رکي ڇڏي. انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سڄي ملڪ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي خيالن جي مطابق جمهوريت قائم ٿئي. انهن چيو ته سنڌ حڪومت اختيار مڪاني ادارن کي نه ڏيئي ڪري آئين جو ڌڄيون اڏائي رهي آهي.ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن جمال احمد ۽ عبدالله شيخ به خطاب ڪيو. 
*****

4/29/2024 8:53:47 AM