Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف 10 ڊائوننگ جي سامهون ٻئي ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف 10 ڊائوننگ جي سامهون ٻئي ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال
 Posted on: 2/17/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف 10 ڊائوننگ جي سامهون ٻئي ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي بک هڙتال
لنڊن: 17 فيبروري 2016 
                 ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ نشر ۽ شايع ڪرڻ تي عائد پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان برطانيه جي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ 10 ڊائوننگ جي سامهون ٻئي ڏينهن به بک هڙتال ڪئي وئي. بک هڙتال ۾ رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن قاسم علي رضا، ڊاڪٽر سليم دانش، محمد انور، مصطفٰي عزيز آبادي، ايم ڪيو ايم يوڪي جي سيڪريٽري جنرل منظور احمد ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن به شرڪت ڪئي.سخت سيءَ جي باوجود ڪارڪنن سان گڏو گڏ عورتن ۽ معصوم ٻارن به شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ترانن سان گڏو گڏ نالي واري گلوڪار محمد عزيز  جو ڳايل ترانو مهاجر نامو به وڄايو ويو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ دهشت گردي جي خلاف آواز بلند ڪئي جنهن کان پوءِ آپريشن ضرب شروع ٿيو. جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪ فوج جو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ساٿ ڏنو.  پاڪستان ۾ سمورن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻڻ پنهنجين تقريرن ۾ فوج جي باري  ۾ سخت کان سخت ۽ بيهوده زبان استعمال ڪئي. پر اڄ تائين ڪنهن به سياسي يا مذهبي اڳواڻ جي تقرير نشر يا شايع ڪرڻ تي ڪا به پابندي عائد نه ڪئي وئي آهي ۽ ڪنهن تي به مقدمو نه بڻيو آهي پر جڏهن ته ٻئي طرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جيڪي تاريخي حقيقتون بيان ڪيون ته انهن کي جواز بڻائي ڪري حڪومت پيمرا جي ذريعي جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي ميڊيا ۾ مڪمل پابندي عائد ڪرائي ڇڏي. انهن وڌيڪ چيو ته عوام ٿاڻڻ ۾ انصاف جي لاءِ وڃن ته انهن جي ٻڌي ئي نه ٿي وڃي ۽ انهن جا مقدما درج ئي نه ٿا ڪيا وڃن، پر راتو رات قائد تحريڪ جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ٿاڻڻ ۾ سوين مقدما درج ڪيا ويا ۽ قانون جو مذاق اڏايو ويو. انهن مطالبو ڪيو ته قائد تحريڪ کي به تقريرن ۽ بيانن جي ذريعي عوام تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ جو آئيني، قانوني، جمهوري ۽ سياسي حق ڏنو وڃي. انهن جي تقريرن تي عائد پابندي کي فوري طور تي هٽايو وڃي.انهن سخت سيءَ جي باوجود بک هڙتال ۽ احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي سمورن ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي انهن 10 ڊائوننگ وڃي ڪري برطانوي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون جي نالي هڪ عرضداشت به پيش ڪئي. جنهن ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي عائد غير قانوني ۽ غير آئيني پابندي سان ڪروڙين ماڻهن ۾ پائي ويندڙ بيچيني کان به آگاھ ڪيو ويو آهي. 
*****


4/29/2024 6:24:01 AM