Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الله تعالٰي مون کي ڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ مون تي الزامَ لڳائڻ وارا ذليل ۽ خوار ٿي ويا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


الله تعالٰي مون کي ڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ مون تي الزامَ لڳائڻ وارا ذليل ۽ خوار ٿي ويا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/17/2016
الله تعالٰي مون کي ڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ مون تي الزامَ لڳائڻ وارا ذليل ۽ خوار ٿي ويا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
انشاء الله تعالٰي اسان جي دشمنن کي هر معاملي ۾ ناڪامي کي منھھ ڏيڻو پوندو ۽ الله تعالٰي اسان کي فتح ۽ ڪاميابي عطا ڪندو رهندو
 برطانوي پوليس جي طرفان پاسپورٽ واپس ملڻ جي خوشي ۾ نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب
لنڊن: 17 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الله تعالٰي جي ذات سڀني کان عظيم آهي، اها ئي سڀني کان وڏي طاقت آهي. الله تعالٰي ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي ڪامياب ڪيو آهي ۽ مون تي الزام لڳائڻ وارا هڪ ڀيرو ٻيهر ذليل ۽ خوار ٿيا آهن. اها ڳالھھ انهن برطانوي پوليس جي طرفان پاسپورٽ واپس ملڻ جي خوشي ۾ نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ سوين ڪارڪنن کي خطاب ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته  جڏهن اها خبر آئي ته لنڊن ۾ جاري مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مون کي هاڻي عدالت نه آهي وڃڻو ۽ منهنجي خلاف ثبوت به مڪمل نه آهن، ان جي ڪري منهنجي مٿان عائد پابنديون کنيون ويون آهن ۽ منهنجو پاسپورٽ به واپس ڪيو ويندو ته ڪجھھ اينڪر پرسن ۽ تجزيو ڪندڙ رڙيون ڪندا رهيا ته اهڙو ڪجھھ به نه ٿيندو. پر منهنجن چاهڻ وارن ڀائرن، امڙين، ڀينرن، بزرگن ، ساٿين ۽ گمنام 
ڪارڪنن جي گهر وارن جي دعائن جي نتيجي ۾ انهن جي الطاف ڀاءُ کي پاسپورٽ واپس ملي ويو ۽ برٽش پوليس چيو ته هاڻي اوهان آزاد آهيو ۽ دنيا ۾ جتي به وڃڻ چاهيو وڃي سگهو ٿا. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ ميان نواز شريف،خواجه آصف ۽ ٻين ماڻهن فوج جي خلاف غلط زبان استعمال ڪئي. عمران خان چيو ته جنرل ايترا ته بزدل آهن جو جيڪڏهن 20 هزار  ماڻهو روڊن تي نڪري اچن ته انهن جو پيشاب نڪري ايندو. پر ان جي باوجود ڪنهن تي به پابندي نه لڳائي وئي ۽ ٽي وي چينلن تي تقريرن ۽ تصويرن تي نشر ڪرڻ جي  پابندي صرف الطاف حسين تي لڳائي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪراچي يونيورسٽي مان مهاجرن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪئي ته ان کي غلط چيو ويو ۽ اسان تي ظلمن جا جبل ٽوڙڻ شروع ڪيا ويا. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن مهاجر نالي تي حق گهرڻ غلط آهي ته پوءِ سنڌي، پنجابي، بلوچي، سرائيڪي، پختون ۽ ڪشميري نالي تي حق گهرڻ ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿو ۽ اها ئي شي آهي جيڪا اسان جي لاءِ غلط ۽ اوهان جي لاءِ صحيح آهي. انهن قرآن پاڪ جي مختلف سورتن جو حوالو ڏيندي فرمايو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي وجود جو سائنسي، بائيولاجيڪل ۽ حڪيمانه بنيادن تي جائزو وٺون ۽ غور ڪريون ته قرآن پاڪ جي سوره الحجرات ۾ الله تعالٰي فرمائي ٿو ته اي انسانو اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ توهان کي قومن، قبيلن ۽ ٽولن ۾ ورهايو ته جيئن اوهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. انهن فرمايو ته قرآن پاڪ جي ان آيت مان ثابت آهي ته قومن جي سڃاڻپ جو تصور غلط نه آهي. انهن فرمايو ته جڏهن اسان انسان بڻايا ويا آهيون ته اسان کي الله سائين جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي اوقات نه وسارڻ گهرجي ۽ ڪڏهن به تڪبر نه ڪرڻ گهرجي. اها صفت صرف ۽ صرف الله تعالٰي جي لاءِ آهي. انهن فرمايو ته مان 11 جون 1978  تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او بڻائي. 18 مارچ 1984 تي مهاجر قومي موومينٽ بڻائي ۽ 1997 تي مان متحده قومي موومينٽ بڻائي. انهن فرمايو ته تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مون تي طرح طرح جو دٻاءُ وڌو ويو.ڪڏهن دولت ۽ ڪڏهن بنگلن جي لالچ  ڏني وئي. وڏين مهانگين زمينن جي لالچ ڏني وئي. پر الطاف حسين نه وڪاميو. جنرل ضياء الحق جي دور ۾ 1979 ۾ مون کي سمري ملٽري ڪورٽ مان 5 ڪوڙن ۽ 9 مهينن جي سزا ٻڌائي وئي. پر مان رهائي جي خيرات نه گهري. ٻيو ڀيرو مون کي 31 آڪٽوبر 1986 تي گهگر ڦاٽڪ کان گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان کان پوءِ مون کي ملير ٿاڻي ۾ وٺي ويا ۽ گاڏي ۾ ويهاري ڪري مون کي جهنگ ۾ وٺي ويا ۽ 17 ڏينهن تائين مون کي ويهڻ نه ڏنو ويو. مون کي سمهڻ نه ڏنو ويو. بلڪه مون کي هلائيندا رهيا ۽ جڏهن مان ٿڪجي ڪري ڪري پوندو هوس ته مون کي ڏنڊن، لتن ۽ بوٽن سان ماري ماري بيهاريندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان جي ڳالھھ مڃ نه ته اسان توهان کي منگهو پير جي ٽڪرين ۾ وٺي وڃي ڪري گولي هڻي ڇڏينداسين. پر مان تڏهن به نه وڪاميس .  پوءِ ٽيون ڀيرو مون کي گرفتار ڪري سرڪاري حراست ۾ طرح طرح جون اذيتون ڏنيون ويون. رهائي کان پوءِ مون تي قاتلاڻه حملو ٿيو. ان کان پوءِ 1991 ۾ جڏهن مان لنڊن کان ڪراچي اچي رهيو هوس ته پاڪستان ۾ پهريون خودڪش حملو مون تي ٿيو. ٻئي حملو ڪندڙ مارجي ويا ۽ الله تعالٰي مون کي بچائي ورتو. جنهن کان پوءِ منهنجن ساٿين مون کي چيو ته اوهان انگلينڊ هليا وڃو. جتان مان تحريڪ هلائيندو رهيس. 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو ويو، پر جڏهن سازشي ٽولي کي ڪجھھ به نه مليو ته انهن ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان جو الزام مون تي وجهي ڇڏيو. پوءِ چندي جو پيسو منهنجي گهر ۾ رکيل هو ته مون تي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو ويو.ٽي وي تي منهنجي خلاف طرح طرح جا پروفيگنڊا ڪيا ويا. تعصب پرست تجزيي نگارن چيو ته هاڻي ته الطاف حسين سڄي زندگي جي لاءِ ويو. پر مان چيو ته مان بي گناھ آهيان. مان ڪائي به چوري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪائي مني لانڊرنگ ڪئي آهي. انهن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته برٽش پوليس منهنجو پاسپورٽ پاڻ وٽ رکي ورتو ۽ مون تي سفري پابنديون عائد ڪري ڇڏيون. 4 سالن ۾ 12  هين وڳي مون کي لازمي گهر تي موجود رهڻو پوندو هو ۽ ڪٿي به اچي وڃي نه سگهندو هوس. تاريخون ملنديون رهيون ۽ هاڻي الله تعالٰي مون کي ان الزام مان به باعزت طريقي سان آزاد ڪري ڇڏيو آهي. پر پاڪستان جا ڪجھھ تعصب پرست اينڪر پرسن ۽ وڏا نامي گرامي تجزيه  نگار منهنجي خلاف زهر اڳرندا رهيا. منهنجن ماڻهن کي ڪوڙ ڳالهائي ڪري ڀڙڪائيندا رهيا ته جيئن مون کان اهي بدظن ٿي وڃن. پر اهي منهنجن ڪارڪنن کي ڀڙڪائي نه سگهيا. انهن فرمايو ته ٽي وي چينلن تي تجزيي نگار ۽ اينڪر پرسن چون ٿا ته الطاف حسين فوج جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهايو. پر ٻين سياسي اڳواڻڻ جي طرفان فوج جي توهين ڪرڻ تي ڪوئي به ڳالھھ نه ٿو ڪري. انهن تجزيي نگارن، اينڪر پرسنن، حڪمرانن ۽ مقدمو بڻائڻ وارن دعوٰي ڪيو ته اسان الطاف حسين کي تباھ ڪري ڇڏينداسين. پر الله تعالٰي انهن کي هن دنيا ۾ ئي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو ۽ مون کي سوڀارو ڪيو. منهنجن ڀائرن،امڙين، ڀينرن، ساٿين ۽ گمنام ڪارڪنن جي گهر وارن جي دعائن جي نتيجي ۾مون کي منهنجو پاسپورٽ واپس ملي ويو ۽ برٽش حڪومت چيو ته هاڻي اوهان پوري دنيا ۾ جتي به چاهيو وڃي سگهو ٿا.ان تي سمورن ڪارڪنن زوردار نعرن جي ذريعي انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي اسان جي دشمنن کي هر معاملي ۾ ناڪامي کي منھھ ڏيڻو پوندو ۽ الله تعالٰي اسان کي فتح ۽ ڪاميابي عطا فرمائيندو رهندو. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي فرمايو  ته مان اوهان تي هڪ ذميواري وجهي رهيو آهيان ته اوهان پنهنجن گهرن ۾ مهاجر نامي جي سي ڊي رکو ۽ ان کي باقائده ٻڌو ۽ ياد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪريو.


4/29/2024 4:58:51 AM