Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هنگامي اجلاس


متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو  هنگامي اجلاس
 Posted on: 2/17/2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو  هنگامي اجلاس
اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، ماحولياتي تبديلين ۽ پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي نظر ۾ رکندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حاليه اپيل تي به غو ڪيو ويو
ڪراچي: 17 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، عالمي سطح تي ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين، پاڪستان ۾ زلزلن، سيلاب ۽ قدرتي آفتن کي نظر ۾ رکندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي محب وطن پاڪستانين جي نالي دردمندانه اپيل تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجي 38 ساله جدوجهد جي دوران جيڪي اڳڪٿيون ڪيون آهن، اهي هڪ هڪ ڪري سچ ثابت ٿي رهيون آهن. ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ۽ پوءِ داعش جي خطري کان به سڄي ملڪ کي اڳواٽ ئي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. پر اختياري ڌرين ۽ ميڊيا جي نمائندن جي طرفان جناب الطاف حسين جي خدشن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ جي بجاءِ انهن جو مذاق اڏايو ويو. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 

اڄ پاڪستان جي هر حصي ۾ طالبانائيزيشن ، داعش ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي موجودگي ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا خدشا درست هئا. پر ايم ڪيو ايم دشمني ۾ جناب الطاف حسين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٻجهي نظر انداز ڪيو ويو. جنهن جو نقصان ملڪ ۽ قوم کي ٿيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پنهنجي بيان ۾ جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ان تي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ايندڙ 15 ڏينهن اهم آهن ان جي ڪري ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي لازم آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ پنهنجي اچ وچ ۾ وڏي احتياط ڪن ۽ پنهنجو ضروري راشن به گڏ ڪري رکن.
*****

4/29/2024 8:52:25 AM