Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوام 15 ڏينهن جي لاءِ پنهنجيون ضروري دوائون ۽ راشن گڏ ڪري رکن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


عوام 15 ڏينهن جي لاءِ پنهنجيون ضروري دوائون ۽ راشن گڏ ڪري رکن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/17/2016
عوام 15 ڏينهن جي لاءِ پنهنجيون ضروري دوائون ۽ راشن گڏ ڪري رکن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪستان ۾ لڳاتار زلزلا اچي رهيا آهن ۽ سياسي ماحول به انتهائي غير يقيني واري صورتحال کان دوچار آهي، انهن حالتن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن انتهائي اهم آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 17 فيبروري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن پاڪستانين کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ 15 ڏينهن تائين وڏي احتياط ڪن ۽ چوڪس رهن ۽ نه صرف  پنهنجيون اکيون بلڪه دماغ به کولي ڪري پنهنجي اچ وڃ ڪن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته شگر، بلڊ پريشر، دل ، نفسيات ۽ ٽينشن جهڙن مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ ڊاڪٽرن جيڪي دوائون تجويز ڪيون آهن، اهي انهن جي 15 ڏينهن جي لازمي ڪوٽا پنهنجن گهرن ۾ رکن. ڊاڪٽرن جي مشوري سان 15 ڏينهن جي لاءِ پنهنجن ٻارن کي ڏني ويندڙ دوائن جو اسٽاڪ به گهرن ۾ رکن ۽ اهڙي طرح عوام پنهنجن گهرن ۾ راشن ۽ روز مره جون ٻيون ضروري شيون به رکن. انهن وڌيڪ فرمايو ته عوام پنهنجن ڪپڙن کي به ڌورائي رکن ته جيئن اهي انهن کي آساني سان استعمال ڪري سگهن. ان کان علاوه روز مره جون ٻيون شيون جن ۾ بيٽري، سيلَ، ماچيس، ميڻ 

بتيون، تيل، ڪاٺي، ڪوئلو ۽ ٻيون شيون به شامل آهن انهن کي به گڏ ڪري رکن ۽ پنهنجين گاڏين ۾ پيٽرول به وجهرائي رکن. جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي محب وطن پاڪستانين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ڏسي رهيا آهيو ته موسم ۾ اچانڪ تبديلي اچي رهي آهي. پاڪستان ۾ لڳاتار زلزلا به اچي رهيا آهن ۽ سياسي ماحول به انتهائي غير يقيني وارو آهي. انهن حالتن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن انتهائي اهم آهن. منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي اوهان جو ۽ اسان سڀني جو حامي ۽ مددگار هجي. آمين.
*****

4/29/2024 6:59:53 AM