Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جو پاسپورٽ واپس ملڻ ۽ سفري پابنديون ختم ٿيڻ تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جو پاسپورٽ واپس ملڻ ۽ سفري پابنديون ختم ٿيڻ تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي
 Posted on: 2/16/2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جو پاسپورٽ واپس ملڻ ۽ سفري پابنديون ختم ٿيڻ تي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي
ڪراچي: 16 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين کي برطانوي پوليس پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏيو آهي. واضع رهي ته لنڊن ۾ جاري مني لانڊرنگ ڪيس جي الزامن جي تفتيش جي سلسلي ۾ انهن جو پاسپورٽ لنڊن پوليس پاڻ وٽ جمع ڪيو هو، پر ٻه فيبروري تي جناب الطاف حسين تي پوليس جون پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ اڄ ميٽرو پوليٽن پوليس جناب الطاف حسين کي پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن تان سفر جون پابنديون به ختم ڪري ڇڏيون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جو پاسپورٽ واپس ملڻ تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ جناب الطاف حسين جي عقيدت مندن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ نائن زيرو ۽ لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ مبارڪباد جي پيغامن جي لانڍ ٻڌجي وئي آهي. پنهنجن پيغامن ۾ عوام چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انهن جو پاسپورٽ واپس ملڻ تي اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سچائي ثابت ٿي وئي آهي. ان موقعي تي عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ دعائون به ڪيون. 
*****

4/29/2024 9:37:39 AM