Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ائين نه ٿئي جو سنڌ حڪومت جي خلاف ڪراچي کان شروع ٿيندڙ احتجاج سڄي سنڌ ۾ ڦيلجي وڃي. عارف خان


ائين نه ٿئي جو سنڌ حڪومت جي خلاف ڪراچي کان شروع ٿيندڙ احتجاج سڄي سنڌ ۾ ڦيلجي وڃي. عارف خان
 Posted on: 2/16/2016
ائين نه ٿئي جو سنڌ حڪومت جي خلاف ڪراچي کان شروع ٿيندڙ احتجاج سڄي سنڌ ۾ ڦيلجي وڃي. عارف خان
ڪراچي وفاق کي 23 سو ارب روپين جو ٽيڪس ڏيئي ٿو پر موٽ ۾ ڪراچي کي 23 روپيا به نه ٿا ملن
حسن اسڪوائر چورنگي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 16 فيبروري 2016 
                    ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي انهن جو حق نه ڏنو ويو ته اهي پنهنجو حق ڇڻن ڄاڻين ٿا ۽ ائين نه ٿئي جو ڪراچي کان شروع ٿيندڙ اهو احتجاج سڄي سنڌ ۾ ڦيلجي وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن حسن اسڪوائر چورنگي تي هڪ وڏي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. عارف خان چيو ته ڪراچي جي عوام جو اهو احتجاج ان ڳالھھ جي عڪاسي ڪري ٿو ته توهان کي ڪراچي جي مڪاني نمائندن کي اختيار ڏيڻا پوندا. انهن چيو ته پي پي جي حڪومت ڪراچي جي عوام جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان پنهنجا ڪيسا ڀري رهي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو ته ڪراچي وفاق کي 23 سو ارب روپيا ٽيڪس جي مد ۾ ڏيئي ٿو. پر موٽ ۾ ڪراچي کي 23 روپيا به نه ٿا ملن، انهن چيو ته پوري دنيا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ ڪمي ٿي رهي آهي. پر پاڪستان ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ ڪا به  ڪمي نه ٿي رهي آهي. جڏهن ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڪمي جي باوجود بجلي جي بلن ۾ به لڳاتار اضافو ٿيندو پيو اچي. انهن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ ڪمي، بجلي ۽ پاڻي جي فراهمي جي لاءِ وفاقي حڪومت فوري طور تي ايڪشن وٺي. انهن چيو ته ڪراچي جي شهرين سول نافرماني جو فيصلو ڪري ورتو ته پوءِ سنڌ حڪومت جو رهڻ مشڪل ٿي ويندو.ان موقعي تي خطاب ڪندي علي رضا عابدي چيو ته پي پي جي تعصب پرست حڪومت مڪاني ادارن کي اختيار ڏيڻ نه ٿي چاهي ته پوءِ اسان به مڪاني ادارن کي آئيني ۽ قانوني جنگ جي ذريعي اختيار ڏياري ڪري ئي رهنداسين.ان موقعي تي خطاب ڪندي فيصل سبز واري چيو ته اسان ڪراچي کي اختيار ڏياري ڪري ئي رهنداسين ۽ ڪراچي جي حقن جي حفاظت ڪندا سين. ان موقعي تي خطاب ڪندي هير سوهو چيو ته پي پي جي حڪومت ڪراچي کي مفتوحه شهر سمجهي ڪري ان کي لٽڻ تي لڳل آهي . ان موقعي تي ارشد وهره خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت موهن جي دڙو کي پنهنجو رول ماڊل بڻائي رکيو آهي ۽ انهي جي ڪري ئي پي پي جي حڪومت ڪراچي کي به آهسته آهسته موهن جو دڙو ۾ تبديل ڪري رهي آهي. 
*****

4/29/2024 7:43:32 AM